لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب ”واڌو، ونڊ، ڪٽ، ضرب“ جي مهورتي تقريب ٿي گذري

لاڙڪاڻو(رپورٽ اڪبر آزاد ھيسباڻي) سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي 26 هين ڪتاب ”واڌو، ونڊ، ڪٽ، ضرب“ جي مهورتي تقريب لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ٿي جنهن کي خطاب ڪندي ناليواري شاعر مختيار ملڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن ۾ به ڌانڌليون ٿيون آهن هڪ ڀيري منهنجا ووٽ رد ڪري ۽ مون کي ڳڻپ ۾ ويهڻ به نه ڏنو ويو ۽ پوءِ ننڍي ٻار کان ڪڻو ڪڍرايو ويو، سنگت ته ان وقت ئي ورهائجي وئي هئي. هن چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سوچيندو ۽ لکندو رهي ٿو. جڏهن اسان ادب جي شروعات ڪئي هئي سين تڏھن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ميچوئر اديب هو، ڊاڪٽر ذوالفقار جي 1972ع ۾ ڇپيل ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ مون حيدرآباد ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ڳالهايو به هو. هن چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن ۾ آزاد انور ڪانڌڙو هميشه فارم ڀرائيندو هو ۽ پوءِ ان کان هٿ کڻايو ويندو هو. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سان ڪالهه به تعلق هو ۽ اڄ به تعلق آهي، اختلاف ٿيندا رهندا آهن. هڪ ڀيري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ سرڪش سنڌيءَ جو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي جو لاڙڪاڻي سان مقابلو ٿيو هو پر هاڻي ناياب سرڪش ذوالفقار سان گڏ آهي. تقريب کي ناليواري اديب ڊاڪٽر بشير احمد شاد خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اهڙو شاعر آهي جنهن جي ايشيا جي وڏن فنڪارن شاعري ڳائي آهي جنهن ۾ مهدي حسن به شامل آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال هر شعبي ۾ سرگرم رهيو آهي. هن 1974ع ۾ ماٺاريل سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪيو هو جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڄڻ ٻيو جنم ٿيو هو. تقريب کي خطاب ڪندي آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سگهارو قلمڪار ۽ ناميارو شاعر آهي. هن اڌ صديءَ تائين سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. تقريب کي حزب الله آءِ سومرو چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون شامل آهن اُهي تاريخ جو حصو آهن. تقريب کي قادر جاگيراڻي، ناياب سرڪش سنڌي، لالڻ چنو، غلام احمد غازي، رئوف عباسي، جيئل اوڏ، پروفيسر ڄام جمالي ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ مهراڻ ڌامراهو، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، اڪبر آزاد ھيسباڻي،  يونس ڏيٿو، عبدالحميد سيلرو، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر، ياسمين بروهي، خالد سيال، پروفيسر رضوان گل، ابو ايليا، ايم بي ابڙو، آزاد انعام لاڙڪ، نثار مغيري، شهمير سومرو سميت ٻين اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں