مني لانڊرنگ ڪيس مان وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز باعزت بري

لاهور ( بيورو ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا شهباز ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس مان آجا ٿي ويا آهن. اسپيشل سينٽرل ڪورٽ لاهور مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي بريت جو فيصلو ٻڌايو . يارنهن آڪٽوبر تي اسپيشل سينٽرل ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بريت جي درخواستن تي وڪيلن کي ڪالهه دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي اڪائونٽ ۾ سڌو سنئون پئسا جمع ٿيڻ يا ڪڍرائڻ جا ثبوت ناهن مليا. جيترا به بي نامي اڪائونٽ آهن، اهي رمضان شوگر مل جي ملازمن هلائي رهيا هئا، امجد پرويز چيو ته ان ڪيس جو سمورو رڪارڊ گذريل حڪومتن ۾ گڏ ڪيو ويو هو. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي وڪيل ٻڌايو ته جاچ آفيسر شاهدن جا بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وڪيل موقف اختيار ڪيو ته 161 واري بيان ۾ ڪنهن شاهد شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جو ذڪر ناهي ڪيو، قانون موجب پراسيڪيوشن کي پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻو آهي، رشوت جي ڪيس ۾ پراسيڪيوشن ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، منهنجي ڪيريئر ۾ اهڙو ڪو به ڪيس ناهي ڏٺو جتي پراسيڪيوشن بغير ثبوتن جي هلي رهي هجي. دليل لکت ۾ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. شهباز شريف جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو جيڪو پوءِ ٻڌايو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں