مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ وارو گوڙ سمجھه کان ٻاهر آهي: سعيد غني

ڪراچي (بيورو) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ وارو گوڙ سمجھه کان ٻاهر آهي، جيسين تائين سمورو عمل مڪمل نه ٿيندو تيستائين ان جو فائدو نه ٿيندو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته چونڊ لاءِ 16 هزار کان وڌيڪ پوليس فورس وڌيڪ گهربل آهي، اسان آئيني طور اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون. هن چيو ته سيڪورٽي ادارا ان بابت ضروري بندوبست ڪندا، پر فورس جي گهٽائي تي ڪجهه ضلعن ۾ اڳ ۽ ڪجهه ۾ پوئي چونڊ ڪرائڻ جي تجويز به ٿي سگهي ٿي. صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جا مسئلا حل نه ٿيڻ جو ذميوار شهرين کي قرار ڏئي ڇڏيو. سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جا شهري پنهنجا مسئلا وڌائي پيش ڪندا آهن، هي دنيا جو اڪيلو شهر آهي جتي ماڻهو پاڻ گٽر لائينون بند ڪري اسٽريٽس لائٽن تي نشاني بازي ڪري انهن کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں