ناسا ڌرتي سان ٽڪرائجندڙ پٿر جو رخ موڙڻ واري مشن ۾ ڪامياب

زمين کي وڏي پٿرن جي ٽڪر کان محفوظ بڻائڻ واري تاريخي مشن ۾ ناسا طرفان زمين کان موڪليل تجرباتي اسپيس شپ وڏي سياري ڊائي مورفس کي تباهه ڪري ڇڏيو. آمريڪي خلائي اداري ناسا جو زمين کي سيارن جي ٽڪر کان محفوظ بڻائڻ وارو مشن ڪامياب ٿي ويو آهي. ناسا پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته زمين تان موڪليل تجرباتي اسپيس شپ “ڊارٽ” هڪ سياري “ڊائي مورفس” ٽڪرائجي ان جو رستو مٽائي ڇڏيو آهي. ناسا چيف جو چوڻ آهي ته اسان ڏيکاري ڇڏيو ته ناسا زمين جي حفاظت جي حوالي سان سنجيده آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں