نوابشاھ(ڊ ر) بختاور ڪيڊٽ ڪاليج فار گرلز ۾ فائونڊيشن ڏھاڙي جي حوالي سان شاگردياڻين وچ ۾ تقريري مقابلا ڪيا ويا جنھن ۾ سنڌ جي وڏن تعليمي ادارن جي شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي شروعات قُران پاڪ سان ڪئي وئي جڏھن تہ ڪاليج جي چيف ڪيڊٽ ڪيپٽن مسڪان رفيق پنھنجي شاگردياڻين جي نمائندگي ڪندي ايندڙ مھمانن کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ پنھنجي ڪاليج جي مِشن جي باري ۾ آگاھ ڪيو جڏھن تہ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردياڻين اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان تقريريون پيش ڪيون ان سلسلي ۾ ڪاليج جي پرنسپل ميڊم افشان نسيم تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ اسان جو ادارو ھميشہ شاگردياڻين کي اھڙا پليٽ فارم محيا ڪيا آھن جنھن سان شاگردياڻين کي ذھني تونائي ملي سگھي جڏھن تہ تقريب کي مھمان خاص قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ۽ نوابشاھ بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر فاروق حسن، اسسٽنٽ ڪمشنر فياض راھوجو خطاب ڪندي شاگردياڻين جي محنت کي داد ڏيندي چيو تہ ھن ڪاليج ۾ ھڪ معياري تعليم ڏني وڃي ٿي ۽ اسان کي فخر آھي تہ نياڻين جو پھريون ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاھ ۾ آھي نياڻين جي اھڙي محنت ڏسي دل خوش ٿي آھي. جڏھن تہ آخر ۾ تقريري مقابلن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ ڪيڊيٽس ۽ شاگردياڻين کي شيلڊون ڏنيون ويون.
