نوري آباد لڳ سپر هاءِ وي تي مسافر ڪوچ کي باهه، عورتن ۽ ٻارن سميت 15 ٻوڏ متاثر سڙي فوت

حيدرآباد، ڪراچي (نمائندن وٽان) نوري آباد لڳ سپر هاءِ وي تي مسافر ڪوچ کي باهه لک۾ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 15 ٻوڏ متاثر سڙي فوت ٿي ويا. ڪوچ ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه وڃي رهي هئي هئي ته اوچتو باهه وڪوڙي وئي، ڪوچ ۾ ٻوڏ متاثر سوار هئا، جيڪي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. آخري اطلاعن موجب پوليس ۽ فائر برگيڊ عملي طرفان باهه وسائڻ جي ڪوشش جاري هئي. پوليس موجب ڪوچ اندر 10 کان وڌيڪ مسافر اڃا سوڌ ڦاٿل آهن. جن کي بچائڻ جون ڪوششون ڪيون پيو وڃن. ڪوچ کي باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو، زخمي ۽ فوت ٿيلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. امدادي ڪارروايون جاري آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں