نوشهروفيروز ۾ سوين ڳوٺن جي چؤڦير پاڻي بيٺل، ڳوٺاڻن جو ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن ابڙان، ٺٽ ڳوراهو، ڀرنڊ، وڳڻ، نورپور، ڦل، کوهي جلال، چيهو، ڏگيجا، مصرجي واءُ ڀانڀري ۽ ٻين جي سوين ڳوٺن اندر ۽ چوڦير پاڻي ڦريل هجڻ ڪري ڳوٺن ۾ ڦاٿل هزارين ڳوٺاڻن جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي، ڇو ته ڏيڍ ميهنو کان مٿي وقت گذري وڃڻ ڪري برساتن جو پاڻي هڪ هنڌ بيهجڻ ڪري بدبودار ٿي وڃڻ سبب زهريلو ٿي ويو آهي، ۽ ان پاڻي ۾ جيڪو معصوم ٻارڙو،عورت،مرد لهي ٿو ته ان جي سموري جسم تي ڪجهه ڏينهن اندر ڦٽ ظاهر ٿي ٿا وڃن جنهن ڪري برساتن جي پاڻي ۾ ڦاٿل هزارين ڳوٺن جا ڳوٺاڻا عذاب ۾ ورتل آهن جن جو چوڻ آهي، ته ضلعي انتظاميا پاران پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ جوڙيل ڪاميٽي مڪمل نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهن تي جوڙي وئي آهي، جيڪي ڪم ڪرڻ بجاءِ روزانو ميٽنگون ڏيکاري هزارين ليٽر تيل ۽ ٻيا ڪوڙا بل ٺاهي لکين رپين جي ڪرپشن ڪري رهيا آهن جن کي هٽائي ايماندار ۽ اهل ماڻهن تي پاڻي ڪڍڻ واري ڪاميٽي جوڙي وڃي ٻئي طرف مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن نديم کوسوگلاب،محمدکوسوراڻو خان کوسو،آصف کوسو سڄڻ، ذوالفقار، منٺار، رشيد، خادم، صادق، گلفام، وزيرعلي، نواز، ممتازعلي،ڌڻي بخش،اسلم،گلشير،علي شير ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ دانهيندي چيو آهي ته اسان هزارين مختلف ڳوٺن جي رهواسين جي حالت انتهائي خراب آهي، ڳوٺن اندر ۽ ڳوٺن جي چوڦير پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري هزارين ڳوٺن جي رهواسين جي زندگي عزاب ۾ گزري رهي آهي،۽ اسان کي هن وقت تائين هڪ ڪٽو به راشن جو ناهي مليو جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون جيڪڏهن اسان جي ڳوٺن مان پاني نيڪال نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں