ٽنڊوآدم ( ن س ) تعلقي ٽنڊوآدم جي IBA ٽيسٽ ذريعي پاس ٿيندڙ 240 ميل توڙي فيميل پرائمري استادن ۾ بوائز هاء اسڪول سانگهڙ ۾ ڊي اي او سيمز اسلم لغاري، ٽي اي او ميل پرائمري ٽنڊوآدم مختيار علي عمراڻي، ٽي اي او سيڪنڊري فيميل ٽنڊوآدم علي محمد ڀاڻون، پ ٽ الف تعلقي ٽنڊوآدم جي صدر لکاڏنو خاصخيلي ۽ ٻين آفر آرڊر ورهايا ان موقعي تي آفر آرڊر وصول ڪندڙ استادن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل هئي جن جو چوڻ ھو ته ميرٽ ذريعي صاف ۽ شفاف ٽيسٽ ٿي ۽ اهڙي ٽيسٽ ۾ اسان پاس ٿي استاد ٿي وياسين اڄ اسان جي خوشي جو ڏينهن آهي اڳتي هلي تعليم جي عمل کي جاري رکنداسين ٽي اي او پرائمري ٽنڊوآدم مختيار علي عمراڻي . پ ٽ الف تعلقي ٽنڊوآدم جي صدر لکاڏنو خاصخيلي تعلقي ٽنڊوآدم جي نون ڀرتي ٿيل پرائمري استادن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته استاد مقدس پيشو آھي اسان کي اميد آھي ته نوان ڀرتي ٿيل استاد پنھنجي صلاحيتن آڌار ايمانداري سان پنھنجو فرض نڀائيندا ۽ ٻارڙن کي بھتر تعليم سان سنواريندا ٻار اسان جو مستقبل آھن انھن کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ استاد جو وڏو ڪردار رھي ٿو.
