پي ٽي آءِ جي سياسي سائنس

رياض ابڙو
ڪجھ به هجي پر ماضيءَ جون يادون، شيون يا پرتوا شاملِ حال رهن ٿا يا ذهن تي چٽيل هجن ٿا (اها ڳالھ رڳو سياسي پيش منظر ۽ پس منظر ۾ ڪجي ٿي) ته 1992 واري ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ عمران خان جڏهن ٽرڪ (۽ هاڻوڪي ڪنٽينر) جي مٿان بيهي لاهور جي مال روڊ تي اهو ئي ورلڊ ڪپ ۾ هٿ ۾ کڻي لهرائي عوام جي آڏو اهڙي جيت جي نمائش ڪئي هئي (جيڪا شايد وري نه ڪري سگهبي) پر ڳالھ اها ٿي ڪجي يا ڳالھ جي تمهيد ٻڌڻ جو مقصد رڳو اهو آهي ته ان ٽرڪ ۽ هاڻوڪن ڪنٽينرن وارو منظر ساڳيو آ انهن ٻنهي ۾ مماثلت آ، کڻي هاڻوڪي ايجنڊا سياسي اٿس ۽ هاڻي ڪرسي جي حاصلات واري ايجنڊا کڻي نڪتو آ، معني رڳو ڪرسي ڪرسي ڪرسي (هڪڙي مولانا کان پڇيو هين ته مولانا صاحب توهان ايتري جلدي تسبي (تصبيح) تي ڇا ٿا پڙهو، مولانا صاحب جواب ۾ وراڻيو ته ”آيت الڪرسي“ همراھ وائڙو ٿي ويو، وراڻيائين ته مولانا صاحب آيت ڪرسي ته ڊگهي آ ۽ توهان جي تسبي (تصبيح) جي اسپيڊ ته تکي آ، مولانا جواب ۾ کلي چيو ته سائين شارٽ ڪٽ ٿو هڻان معني رڳو ڪرسي ڪرسي ڪرسي، عمران خان به هاڻي رڳو شارٽ ڪٽ هڻڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آ (هتي اهو ڏچو ضرور آ ته جي پي ٽي آءِ جي مخالفت ۾ لک ته ماڻهو سمجهن ٿا ته هي پي پي جو آ يا 13 پارٽين جو حامي آ) پر ڳالھ حق جي آ، ڳالھ ته رياست جي پائيداري جي آ، ڳالھ ملڪ دشمني ۽ ملڪ دوستي جي آ يا ڳالھ تخريب جي ناهي ڳالھ تعميري معاشري ۽ سياست جي آ، ان ڪري يوٽرن ۽ شارٽ ڪٽ واري سياست ڪجي پر صفا ظلم به نه ڪجي جو سياست ۽ مذهب جو گارو گڏائي عوام جي مٿان سياسي بهاني سان ويهي ٿڦجي.
سپريم ڪورٽ 2 جون 2022 تي عمران خان جي لانگ مارچ واري درخواست واپس ڪري ڇڏي هئي (هاڻوڪيون ڪورٽن کان معافيون، ايلازمنٿون ۽ آزيون نيازيون الڳ) پر حيرت اها به آهي ته خان جي سياسي بقا جي جنگ ٻيا ڇو ٿا وڙهن، ڪڏهن عسڪري ادارا هن جي بدران لڪ ڇپ ۾ اٿي ٿا بيهن، ته ڪڏهن هن جا ساٿي سياستدان هن جي بدران هلڙبازي ٿا ڪن، ڪڏهن ٻاهريان ملڪ هن جي بدران ٿا پون؟ ۽ هاڻي لڪ ڇپ ۾ آرمي شخصن سان ملاقاتون ڇو؟ يا 12 مارچ تي قومي اسيمبلي ۾ جڏهن بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪئي وئي هئي تڏهن ڪورٽون هن جي نشاني تي هيون، يا وري عسڪري ادارا نشاني تي هيا يا ڪورٽن جي اهڙي مداخلت تي عمران خان اهڙو ته روڄ راڙو ڪيو هيو جو ماڻهو سمجهن پيا ته هي صحيح آ باقي سڀ ادارا ۽ قانون ڪوڙا آهن، ان ڪري ماڻهن جي تاوَ ۾ به اضافو آيو هيو جيڪو 25 مارچ تي ناڪام لانگ مارچ جي صورت ۾ سامهون آيو، ۽ ان لانگ مارچ ۾ پنجاب مان ايتري ته گهٽ اٽينڊنس آيس جو حيرت هئي ته اهو پنجاب ڪاڏي ويو جنهن سيالڪوٽ مان صوبائي اسيبملي جي سيٽ تان نون ليگ کي صاف ڪري ڇڏيو هيو پر ساڳو پنجاب وري لانگ مارچ ۾ ظاهر ئي نه هيو، پوءِ آزادي مارچ جو ڇا ٿيو، يا تڏهن جي ڇهن ڏينهن واري الٽيمٽم جو ڇا ٿيو، يا هن جي ڪهڙي سياسي مجال هئي جو هن جي معمولي لانگ مارچ يا شارٽ مارچ جي لاءِ ڪورٽون هن جي بدران جنگ وڙهن، اها ٻي ڳالھ ته اسٽيج تي چڙهي هي سدائين رياست کي ڌمڪيون ڏيندو رهندو آ يا رياست ۽ اسٽبلشمينٽ هن جي اهڙن ڪرتوتن جي ڪري هن جي خلاف ٿي ويندي آ، يا جڏهن خان ڪرسي جي بجاءِ ڪنٽينر تي هوندو آ تڏهن ملڪ خطري ۾ هوندو آ يا هي جڏهن ڪرسي تي هوندو آ ته سڀ صحيح، نه انقلاب جي ضرروت هوندي آ نه ملڪ کي خطرو هوندو آ، آخر هن وٽ اها ڪهڙي سياسي سائنس آ جنهن جا هي روز روز نوان تجربا ڪندو ٿو وتي.
حقيقت ۾ هن جي دور ۾ جيڪڏهن چور کڻي چور ثابت نه ٿيا ۽ هي پاڻ چور ٿي پيو، ۽ اسلام آباد ۾ 25 مارچ 2022 تي رٿيل لانگ (شارٽ) مارچ جي بهاني روڊن جون رڪاوٽون هٽائڻ جي لاءِ ٽريڪٽر ڪاهي به آيو هيو، پر پوءِ شيلنگ (ڳوڙها گيس) کان گھٻرائي پي ٽي آءِ جا ڪارڪن (يوٿيا) ڇو ڀڳا، يا هي جڏهن مزاحمت واري سياست لاءِ نڪتو به هيو ته هي سياست ڪري ڏيکاري هان، يا اهو به سمجهڻ گهرجي ته اسان جي ملڪ کي رياستي هٺ ڌرمي مان يا آءِ ايم ايف جي زنجيرن مان آزاد ڪرائڻ جي لاءِ چونڊون ڪافي ناهن يا اليڪشن جي ذريعي اهڙا انقلاب نه ٿا اچي سگهن ان ڪري جو جيڪي پاڻ کي سياست جا اڪابر سمجهن ٿا اهي به ڄاڻن ٿا ته جيڪي ڪنٽيرن تي آهن اهي سڀاڻي ڪرسي تي هوندا يا جيڪي ڪرسي تي آهن اهي سڀاڻي ڪنٽيرن تي هوندا، بس ملڪي سياست اها ئي آ ۽ ٻيو مڙئي خير آ، پر مئو ته غريب عوام، يا هڪ ڳالھ اها به آهي ته آءِ ايم ايف جو ٽارگيٽ سياستدان ناهن هوندا يا آءِ ايم ايف ملڪ ۾ معاشي سڌارا نه آڻيندي يا آءِ ايم ايف جي شرطن سان ڪا معيشت ٻڌل ناهي يا جيڪي به ”بيل آئوٽ“ پيڪيج ملن ٿا اهي هڪ شرط سان ”ضمانت طور“ مڃيا ۽ ملندا اهن ته سڪوڪ بانڊ وٺي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍو يا عوام جي مهانگائيءَ سان چيلھ ڀڃو، جيڪو ان قرض جي ”بيل“ ضمانت هوندو آ، پر ڪٿي ائين به ناهي ته بيل آئوٽ پيڪيجن ۾ اهو هجي ته جيڪو به حڪمران رکو اهو کير جو ڌوتل هجي، پير جو پوٽو هجي، بيگاھ هجي، جنهن ڪا به ڪرپشن ۽ گناھ نه ڪيو هجي، جنهن نيپوٽزم نه ڪئي هجي، جنهن ڪوڙا اڪائونٽ ٺاهي موچين، مزدرون، هارين، انڌن، ٻوڙن، گونگن، يتيمن، بيواهن يا مئلن جا اڪائونٽ ٺهرائي پئيسا نه ڦٻايا هجن، پر آءِ ايم ايف جو شرط رڳو اهو هوندو آ ته عوام جي مٿان اهڙو بار رکو جنهن ۾ ملڪ اندر بيچيني ۽ سياسي اڻبڻت پيدا ٿئي، (مذهبي اڻبڻت پنهنجي جاءِ تي) پر ملڪ ۾ انتشار واري سياست جنم وٺي، ملڪ ۾ انارڪي پيدا ٿئي، ملڪ ۾ فاشسٽ گروھ اٿي بيهن، پوءِ جيڪو به چونڊون کٽي اچي ۽ حڪومت ڪري ته ڀلي ڪري، ان تي آءِ ايم ايف کي ڪو اعتراض ناهي، پر اهڙو حڪمران ضرور اچي جيڪو عوام جي نڙيءَ ۾ مهانگائي جو ڪنڊو ڦاسائي جنهن ۾ عوام جو ساھ نڪري پر ٻڻڪ نه ڪڇن.
هاڻوڪي صورتحال کان اڳ عمران خان وٽ ايترا نعرا نه هيا ۽ رڳو نئون پاڪستان ٺاهڻو هيس، پر هن ڀيري هن وٽ نعرا گھڻا ۽ ججھا جام ٿي پيا آهن جنهن ۾ آمريڪا مرده آباد، اسرائيل مرده آباد، آزادي يا موت، غداري واري سياست، يا ”خط مين ني تيري نام لکها“ يا پنهنجن سياستدانن جو بيوفائون ۽ ٻيا روڄ راڙا جنهن جي وسيلي هن عوام جي طاقت گڏ ڪري رکي آ ته ”هن امورٽيڊ حڪومت کي ڀڄائي ڪڍڻو آ“ پر هن ڀيري هن وٽ اهو به زبردست موقعو هيو ته هي مهانگائي مارچ ڪري هان، ڇو ته عوام جو دک درد رڳو پيٽرول جون وڌيل قيمتون آهن جنهن ۾ حڪومت سينو تاڻي فيصلو ڪري ٿي ڇڏي ۽ اهو به بانور ٿا ڪراين ته ”شهبازسرڪار پنهنجو مدو پورو ڪندي ۽ ڏکيا فيصلا به ڪري ويندي“ پر هي پوءِ به اهي مسئلا کڻي روڊن تي نه آيو، ۽ شهبازسرڪار جا فيصلا عوام جي مٿان قهر بڻجي ٽٽندا رهن ٿا، ڇو ته پيٽرول جون قيمتون هڪ ڌڪ وڌائڻ ظلم ۽ ذيادتي نه پر عوام جي مٿان بم ڪيرائڻ ۽ قيامت پربا ڪرڻ هوندو آ، ان ڪري خان ڪرسي کي وساري رڳو پرامن ڌرڻو به هڻي هان ته پيٽرول جون قيمتون واپس وٺو نه ته هڙتال ختم نه ڪنداسين، پوءِ اها هڙتال عوام به ڏسي هان ته هي هاڻي عوامي سياست ٿو ڪري، هن کي ڪرسي نه کپي، نه ئي هاڻي هن کي نين چونڊن جي تڪڙ آ.
ڪيڏي نه خطرناڪ ڳالھ هئي جو 25 مئي 2022 واري لانگ مارچ ۾ پي ٽي آءِ جي سڀني ڪارڪنن ۽ هڙتالين وٽ پسٽل هيا معني سول نافرماني کان ڳالھ اڃان به اڳتي وڌي وئي هئي، پهرين ته ڪنٽيرن تي بل ڦاڙبا هيا، وري عوام پاڻ سان گڏ هٿيار به کڻي ٿو هلي، معني هن ته هٿ وٺي ايجنسين جي هٿان انهن اٻوجھ ڪارڪنن کي مهرو بڻائي ڦاسايو، جيڪي ان ڏينهن ڪي پي مان لانگ مارچ جي لاءِ نڪتا هيا، هاڻي مري ته اهي غريب ڪارڪن ويا ڇو ته لاانفورسمينٽ ايجنسين کي سڀ خبر پئجي چڪي هئي ته هو انهن ڪارڪنن کي ڳولهي ڳولهي ڦاسائن جن وٽ هٿيار هيا، جيڪي ان ڏينهن ان ارادي سان کڻي نڪتا هيا ته رڳو هڪ اشاري ملي ۽ هو رياست سان ٽڪرائن ۽ دوبدو فائرنگ ڪري ڏين، جي نه ته پوءِ هٿيار ڇو کڻي آيا هيا يا هٿيار ان ڳالھ وانگي نه هيا ته ”ڪنهن ماڻهوءَ کي ڦورو ڦري ويا اهو همراھ جڏهن گهر پهتو ته گهروارن چيس ته تو وٽ پستول جو هيو فائرنگ ڪرين هان، همراھ جواب ڏنن ته اهو ڪائنچ جي ور ۾ لڪيل هيو نه ڳولهي سگهيا“ ان ڪري رياست ان ڳالھ جو نوٽيس وٺي ته لانگ مارچ، جلسا جلوس، ڌرڻا يا احتجاج سڀني پارٽين جو جمهوري حق آهي ۽ سڀ ڪري سگهن ٿا پر ڪير به سول نافرماني نه ڪري، ڪير به قانون هٿ ۾ نه کڻي، ڪير به جنگ ۽ بغاوت جي ڳالھ نه ڪري، ان ڪري رياست جو فرض اهو به آهي ته هو عوام جو هر صورت خيال رکن، امن بحال ڪرائن نه ڪي ڪنهن انتشار ۽ تخريب واري سياست کي هٿي ڏين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں