ڄامشوري ۾ ايس يو پي جو شڪارين خلاف مظاهرو

ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورو ۾شڪارين خلاف ڳوٺاڻن ۽ ايس يو پي جو احتجاج مظاهرو فرحان گوندل خلاف سخت نعريبازي لوڻي ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن ۽ ايس يو پي پاران شڪارين پاران نياز کوسو محمد بخش مري کي شڪاري فرحان گوندل واجد شيخ پاران مبينا ڌمڪين خلاف احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن محمد بخش مري نياز کوسو جلال لغاري شھداد بروهي ربنواز برفت نياز کوسو حاجي خدابخش بگٽي ارباب کوسو سرور سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته بااثر شڪاري فرحان گوندل واجد شيخ ڪوهستان ۾ غيرقانوني شڪار ڪري رهيا آھن لوڻي ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن سان شڪارين جون زيادتيون وڌنديون پيون وڃن شڪاري,شڪار ڪندي ڳوٺاڻن جي گهرن ۾ ڪاهي پون ٿا رستا بند ڪيا ويا آھن شڪاري زمينن گهرن جو به خيال نٿا رکن شڪارين خلاف آواز اٿارڻ تي فرحان گوندل نياز کوسو محمد بخش مري کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن جنهن مذمت ڪجي ٿي اعلي اختياريون نوٽيس وٺن ڳوٺاڻن کي تحفظ فراهم ڪري بااثر شڪارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں