ڏوڪريءَ مان مبينا اغوا ٿيل شاگرد جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري(ن س) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سائينداد جوڻيجو جو رهواسي يارهين ڪلاس جو شاگرد حق نواز جوڻيجو جو پتو نہ پئجي سگهيو، پوليس اغوا ٿيل شاگرد کي بازياب نه ڪرائي سگهي، وارثن پاران ٽئين ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊگري جي يارهين ڪلاس جي شاگرد حق نواز جو پتو پئجي نه سگهيو، پوليس نوجوان کي بازياب ڪرائي نه سگهي. ان ڏس ۾ اغوا ٿيل نوجوان حق نواز جي بازيابي لاءِ سندس وارثن هدايت الله جوڻيجو، صبغت الله جوڻيجو، امان الله جوڻيجو، محمد نواز جوڻيجو، قادر بخش جوڻيجو، محمد علي جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽئين ڏينهن به باءِ پاس کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو. انهي موقعي تي ڳوٺاڻن ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري پوليس اغوا ٿي ويل شاگرد کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪري سگهي. هنن چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران تحفظ فراهم ڪري رهي آهي. هنن چيو ته حق نواز ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ۾ يارهين ڪلاس پڙهندو آهي ھنن چيو ته اسان جو ڏوڪري جي جوڻيجا برادري جي ٻي ڌر جي گل حسن جوڻيجو، علي حسن جوڻيجو،پبلڪ ھيلٿ سپر وائيزر علي نواز جوڻيجو،نادر علي جوڻيجو،علي گوهر جوڻيجو، دلشير جوڻيجو ۽ ٻين سان سڱاوتي تڪرار ھلندڙ آهي،اسان کي پڪ آهي ته انهن ئي اسان جي نوجوان کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي اغوا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري بازياب ڪرايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں