محمد اسماعيل لانگاھ
ڪاڇي ۾ مصيبت مٿان مصيبت کي منهن ڏيندڙ مسڪين ماروئڙن کي هن وقت مليريا بيماري انتهائي پريشان ڪري ڇڏيو آهي لکين ماڻھون بيماري ۾ تڙپي ڦٿڪي رهيا آهن وزير اعلي سنڌ ۽ ڊي جي هيلٿ ٻنهي جو تعلق ايئن سمجهو کڻي ڪاڇي سان آهي وزير اعلي سنڌ ڪاڇي جي تڪن تان چونڊجي ايم اپي اي ٿي ڪري وزير اعلي جي منصب تي مقرر ٿيو آهي ۽ ھن وقت سنڌ جي عوام جو ترجمان آهي پر ڪاڇي جي علائقن ۾ جيڪا مليريا بيماري سبب افسوسناڪ ۽ ڳڻتي واري صورتحال ٻن ڏهاڪن کان پوء ھن ڀيري ٿي آهي اهڙي ڪڏھن به ناهي ٿي پر حيرت وزير اعلي سنڌ ۽ ڊي جي هيلٿ جي ڪارڪردگي تي ٿي آهي ته هو ڪاڇي جي عوام جون زندگيون بچائڻ ۽ مليريا کي ضابطي ۾ آڻڻ لاء آخر تائين ڪُجھ نه ڪري سگهيا ۽ ايتري قدر جو اسپتالن ۾ ڊاڪٽر به ڊيوٽين تي نه آندا ويا ۽ نااهلي جو مظاهرو ڪندي پنجاب مان مدد لاء ڊاڪٽر گهرايا ويا اهو ان ڪري ته عالمي ادارن کي ٻُڌائي سگهجي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي پر سنڌ جو هر ماڻهون ڄاڻي ٿو سنڌ ۾ ڪيترن ڊاڪٽرن کي ويزائن تي ڇوٽ ڏئي پرڏيھ اماڻيو ويو آهي ۽ ڪيترا ڊاڪٽر اسپتالن ۾ ڊيوٽين تي هجڻ باوجود پنهنجون پرائيويٽ اسپتالون هلائين ٿا هي سڄي صحت کاتي جي نااهلي جو ذميوار سنڌ جو وزير اعلي ۽ ڊي جي هليٿ آھن جيڪي پنهنجي تڪ ڪاڇي جي ماڻھن جون اهڙي افسوس جوڳي حالت ۾ زندگيون بچائڻ لاء ڪُجھ نه ڪري سگهيا ته اڳتي هو پنهنجي ڪارڪردگي ڪهڙي ظاهر ڪندا لکڻ جو مقصد اهو آهي ته مليريا سبب هن وقت ڪاڇي ۾ جيڪا فوتگي ٿي آهي سوشل ميڊيا مطابق هڪ هزار جي لڳ ڀڳ ماڻھن زندگي جي جنگ هارائي آهي ماڻھن جي موت جا اصل ڪارڻ سڄي ڪاڇي ۾ ورهين کي اسپري جو نه ٿيڻ ، مليريا, اسپتالون نالي ماتر هلڻ , دوائن ۽ عملي جي کوٽ جو بُحران , تباه حال رستا جو سنگين مسئلو، غربت تنگدستي ۽ ٻيا ڪارڻ آهن جنهن سبب هنن وقت مليريا ماڻھن جو ويري ٿي وئي آهي ۽ هن وقت به روزاني ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن شهرن ۾ معصوم ٻارن عورتن مردن جي فوتگي جي انگ ۾ وڏي پئماني واڌ ٿي وئي هر نئين ڏينهن ڏه کان پندرنهن ماڻھون مليريا بيماري ۾ مري رهيا آهن آخر اسانجي صحت کاتي کي ملندڙ اربين رپيا فنڊز دوائون ۽ ڊاڪٽر ماڻھن جون زندگيون بچائي ڇو نه ٿا سگهن اهڙي سنگين صورتحال ۾ به نااهلي جو مظاهرو ڇو ٿي رهيو آهي جڏھن فنڊز ۽ وسيلا به هجن پوء نااهلي جي مظاهرو ٿو ڪيو وڃي انسانن کي انسان ڇو نٿا سمجهن اهڙن کاتن جي رهڻ جو پوء ڪهڙو ڪم جيڪي عوام جي خدمت ڪرڻ بجاء تر برابر انهن کي رليف نه ڏئي سگهن بهتر آهي اهڙي صحت کاتي کي ختم ئي ڪري ڇڏجي ته ڀلو آهي عالمي ادارن جي رپورٽ موجب مليريا دنيا جي خطرناڪ بيمارين منجهان هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ ٻين بيمارين جي ڀيٽ ۾ موت جي شرح فيصد وڌيڪ آهي ليڪن هر سال موسمي لحاظ سان پنهنجي وقت تي هي بيماري پکڙجي ٿي ۽ هن بيماري جا اثرات تيز بخار. الٽي هر ٻئين ٽئين ڏينهن تي بخار جو اچڻ جسم ۾ ڪمزور رت جو گهٽجڻَ مليريا جون علامتون.آهن پر انکان بچاءُ لاء احتياطي تدبيرون پڻ آهن جنهن لاء انساني آبادين توڙي گندگي وارين هنڌن تي اسپري ڪرايو ويندو آهي دنيا جا ترقي پذير ملڪ جديد ٽيڪنالاجي وسيلي هن بيماري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء هر سال فضائي توڙي زميني رستن وسيلي هن موتمار بيماري لاء اسپري ڪرائيندا آهن پر اسانجا حڪمران انسانن جي مرڻَ وچڙندڙ بيمارين جي ڦھلجڻَ تي راضي هجن ٿا ته جيئن دنيا مان ملندڙ فنڊر وصول ڪجن ۽ هن ڀيري خطرناڪ شڪل ۾ پکڙيل مليريا بابت ٻُڌايو پيو وڃي ته ٽن کان چئن نمونن ۾ اهو وائرس انسانن جي رت ۾ ڦهلجي چُڪو آهي جنهن سبب ماڻھن کي مسلسل نه ختم ٿيندڙ تيز ڦھليل آهي هڪڙي مريض کي ٽي کان چار ڀيرا بخار ٿيڻ بابت ڪُجھ معالجن مطابق ساڳئي مڇرن جي وري وري چڪڻ سان بخار ختم نٿي رهيو آهي هن وقت ڪاڇو انتهائي مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي هرمصيبت ڪاڇي جو ڄڻ مقدر ۽ نصيب بڻجي وئي آهي پوء اها قدرتي هجي يا ناقص حڪمراني جي وبائون ٻوڏون ڏُڪار بيماريون هميشه هتان جي عوام لوڙيو آهي عالمي دنيا ۽ مبصرين ڄاڻي ورتو آهي سنڌ جا لکين انسان وسنديون واهڻ شهر گڊ گورننس جي کوٽ جو شڪار آهن حد کان وڌيڪ ڪرپشن سبب سنڌ جو ڍانچو تبديل ٿي ويو آهي موجوده ٻوڏ ۽ ان کان پوء ڦهليل مليريا ۾ گڊگورننس جي وڏي کوٽ نظر آئي آهي صحت کاتو بيماري کان بچاءُ جا ڪي به مڪمل انتظام نه ڪري سگهيو آهي ۽ پوء به حڪمران غلطين کي تسليم ڪرڻ بجاء اڳڀرا آهن مليريا ۾ فوت ٿيل انسانن جو خون بيگهر ٿيل مسڪين خاندانن جي اکين مان درد سان ڀريل وهيل ڳوڙھا هن وقت اهو ٻُڌائن ٿا ته سنڌ جو غريب عوام انقلاب گهري ٿو جيڪو عوام جي حقن جي ترجماني ڪندڙ ھُجي سنڌ ۾ گڊگورننس کي بهتر بڻائڻ عوام دوست قيادت آندي وڃي ۽ مليريا جهڙن موتمار بيمارين کان بچاءُ لاء جوڳا اُپاءُ ورتا وڃن صحت کاتي جي ڪارڪردگي کي عوام جي فلاح ۽ بهبود لائق بڻايو وڃي.
