گولاڙچي ڀرسان تيز رفتار ڪوچ ڪار مٿان چڙهي وئي،4 ڄڻا چيڀاٽجي فوت

گولاڙچي(ن س)گولاڙچي لڳ ڪارو گونگڙو وٽ ڪوچ جو  اور ٽيڪ ڪندي ڪار کي زوردار ٽڪر،نتيجي ۾ اي سي بس ڪار مٿان چڙهي وئي ڪار مڪمل طرح ڌٻجي وئي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار ڊرائيور سميت ڌٻجي فوت ٿي ويا هڪ جي لاش کي تعلقه اسپتال گولاڙچي آندو ويو اي سي هيٺان ڌٻجيلن کي اڌ ڪلاڪ کان پوء ڪرين ذريعي ٻاهر ڪڍي 3 فوتين کي سجاول اسپتال موڪليو ويو  فوتين ۾  گولاڙچي آندل  هوندراج  جڏهن سجاول اسپتال موڪليل لاشن  ۾ لبر نوتاڻي ٖ مٺو مل  ۽ ڀڳت بصر لال شامل آهن چارئي ڄڻا مٺي جا چيا وڃن ٿا گولاڙچي  جي فوتي جو شناختي ڪارڊ مٺي جو نڪتو هو جڏهن ٻيا سجاول وارا فوتي اهي به مٺي جا چيا وڃن ٿا روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ٿر جو مٺڙو آواز بصر ڀڳت لال به هو جيڪو حادثي جو شڪار ٿيو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں