حيدرآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جي سهائتا لاءِ ميوزيڪل پروگرام منعقد

حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ ٻوڏ متاثر جي سهائتا جي سلسلي ۾ مارو شال مرڪن جي عنوان هيٺ ميوزڪل نائيٽ پروگرام ڪيو ويو. ان موقعي تي انو سولنگي شاهه عبداللطيف جي وائي چئي پروگرام جو آغاز ڪيو.  تقريب ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ چندو پڻ گڏ ڪيو ويو. سپر هاءِ وي تي بس جي باهه واقعي م سڙي فوت ٿيل ماڻهن لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي ڪئي وئي. ايس يو پي اڳواڻ  ۽ سنڌ صوفي فورم جي سرواڻ بدر چنا  راڳي وقارملاح کي سنڌي ٽوپي پارائي. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو ۽ ٻين گلن جا تحفا پيش ڪيا. تقريب ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي. پنهل ساريو. جبار ڪابورو. ذوالفقار هاليپوٽو. عوامي ورڪرز پارٽي جو صدر  بخشل ٿلهو. ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنهور. درشن سچڏيو. اسد مڱريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.وقار ملاح چيو ته اڄ پروگرام ملتوي پئي ڪيو. پر ٻوڏ متاثرن لاءِ ئي اڄوڪو پروگرام هو. انڪري ملتوي نه ڪيو. اسان سان نوجوانن رضاڪاراڻي طور شرڪت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان راڳي ۽ سول سوسائٽي ٻوڏ متاثرن جي سهائتا ۽ مدد لاءِ ميدان تي موجود آهيون.ان موقعي تي ناليوارن وقار ملاح. راشد حيدري. سميرا علي. شوڪت علي. سرمد اياز. فقير محمد جمالي. طفيل ڀلائي ۽ ٻين راڳين سرن جي ورکا ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں