قربانين جي هڪ ڊگهي تاريخ…!

احمد نواز انقلابي 

ننڍي کنڊ ايشيا ۾ سياسي سماجي اٿل پٿل 19هين صدي ۾ تمام وڏي پئماني هليون آهن جن پنهنجي پنهنجي حساب سان ننڍيون وڏيون فتحون به حاصل ڪيون آهن جيڪي تاريخ جو حصو آهي انهن سموري تحريڪن مان پورهيتن جي تحريڪ خاص ڪري پاڪستان اندر پورهيتن جون جيڪي تحريڪون هليون آهن انهن سوڀون ماڻيون آهي سنڌ جي پورهيتن سنڌ هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم تان جنهن نموني سان پنهنجو سياسي اسٽيڪ مڃائڻ لاء باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ تحريڪ هلائي اها تحريڪ وڏي مضبوط ۽ سياسي وايو منڊل کي تبديل ڪندڙ تحريڪ هئي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اڌ بٽئي تحريڪ هڪ اهڙي تحريڪ هئي جنهن سڄي سنڌ جي هارين پورهيتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڇڏيو 1950ع ۾ هارين پورهيتن پاران باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اڳواڻي ۾ سنڌ اسيمبلي آڏو تاريخي مارچ ڪيو ۽ سنڌ ٽينسي ايڪٽ بل منظور ڪرايو جيڪو هارين جو قانون هو اهڙي طريقي سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ جي تاريخ ۾ اچيومينٽ ڏيندڙ تنظيم آهي سنڌ هاري ڪاميٽي هڪ اهڙي سياسي تنظيم آهي جيڪا قربانين جو دستان آهي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ جيڪا مضبوط ۽ اٽل ارادن واري ٽيم هئي جيڪي باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ساٿي جنهن قاضي فيض محمد,غلام محمد لغاري,عثمان لغاري,فوٽو رستماڻي,ڪامريڊ رئيس بروهي,آزاد بخاري علي محمد خاصخيلي ۽ ٻيا اڏول ڪامريڊ شامل هئا جن آخري دم تائين سنڌ هاري ڪاميٽي جو جهنڊو پنهنجي ساه ۾ سمائي رکيو جن ساه ڏئي تنظيم کي مضبوط ڪيو جيڪي هر قرباني ڏيڻ کان ڪيٻائيندا هئا اهڙين بهادر ساٿين جي آهي تنظيم آهي سنڌ هاري ڪاميٽي اڄ انهي قربانين جي گلدستي مان هڪ انمول ڪردار باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي بهادر ساٿي ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ورسي آهي ڪامريڊ غلام محمد لغاري باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو ويجهو ساٿي سنڌ هاري ڪاميٽي جو سرگرم اڳواڻ جيڪو سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري,مرڪزي نائب صدر ۽ ٻين اهم مرڪزي عهدن تي زبردست جدوجهد ڪئي ڪامريڊ غلام محمد لغاري جو نالو وڏيرن جي محفل ۾ کڄڻ سان وڏيرن ڀورتارن ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو هو ڪامريڊ غلام محمد لغاري اڏول ٿي بيهڻ اٽل ارادي سان ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪم ڪڏهن به پوئتي نه ڪندو ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ سان ۽ پورهيتن هارين مزدورن سان بي پناه پيار ڪندو هو پورهيتن سان هر مشڪل ۾ گڏ بيٺل نظر ايندو هو ڪامريڊ غلام محمد لغاري پاران باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي اليڪشن ڪيئمپيئن ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪيو اهڙي زبردست اليڪشن ڪيئمپيئن هلائي جو وڏير ڀوتار سازشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا هڪ دفعو باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ ڪامريڊ غلام محمد لغاري اليڪشن ڪيئمپيئن تي وڃي رهيا هئا ته هارين پاران وڏيرن جي چوڻ تي سندن مٿان پٿر وسايا ته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهڙين جي اهڙي ناداني تي مسڪرائي رهيو هو جنهن تي پليجو صاحب چيو ته باباء سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي ته اسين هنن هارين لاء ئي وڏيرن جاگيردارن سان مهاڏا اٽڪائي رهيا آهيون ۽ هي وري وڏيرن جي چوڻ تي اسان جي ئي خلاف آهن جنهن تي ڪامريڊ غلام محمد لغاري ٽهڪ ڏئي چيو ته اگر هنن کي اسان جي خبر هجي ته اسان هنن جا آهيون ۽ هنن جي لاء وڙهون ٿا ته هي وڏيرن کي چيري ڇڏين پر هي نادان آهن جيڪي پنهنجي پرائي کي نٿا سمجهي سگهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چيو ته آءُ ته هنن پورهيتن هارين مزدورن جو عاشق آهيان هنن جا هنيل پٿر به منهنجي لاء گلاب جي گلن جهڙا آهن جنهن ڏينهن هنن پورهيتن ۾ شعور آيو آن ڏينهن هي وڏيرن سردارن پيرن ميرن کي نه ڇڏيندا اسان حق جو هوڪو ڏيندا رهنداسين انهن جي محنتن جو نتيجو آهي جو اڄ جو هاري پورهيت هنن ظلم وڏيرن سان ڳالهائي پيو انهي تڪ تان تازو بلدياتي اليڪشن ۾ سردار نواب جي خاندان جي اهم فرد کي هڪ هاري پورهيت شڪست ڏئي تاريخي ڪاميابي ماڻي آهي سنڌ هاڻي بدلجي پئي سنڌ تيزي سان تبديلئ طرف وڌي پئي هاڻي وڏيرن ڀوتارن جو انت اچڻ وارو آهي سنڌ جا ماڻهو هاڻي وڏيرن ڀوتارن سردارن پيرن ميرن جي چالاڪين کي سمجهي چڪا آهن سنڌ هاري ڪاميٽي جي بهادر ساٿين جي ڏنل قربانين زنگ لاتو آهي پورهيت هاري مزدور خوشحال ٿيندا ته ملڪ خوشحال ٿيندو اچو ته گڏجي سنڌ جي پورهيتن جي تحريڪ سنڌ هاري ڪاميٽي کي مضبوط ڪيون پورهيتن هارين مزدورن جي حق جي حاصلات واري جدوجهد ۾ شامل ٿيون.

ahmednawazinqlabi786@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں