لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ذوالفقار باغ واري علائقي جي رهواسين طرفان پاڪ ڪتاب کڻي گذريل ڏينهن ڪراچي مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پيرسن بيواھ عورت هير خاتون زال مرحوم فيض محمد بليدي پنهنجي ساهڙي رحمت خاتون، ڌيءُ نظيران خاتون، پٽن مختيار علي، حسنين بليدي ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان انتهائي غريب مسڪين آهيون، جڏهن ته منهنجو 20 سالن جو نوجوان پٽ مجاهد علي بليدي هڪ سال کان وٺي ڪراچي جي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هيو، جنهن کي گذريل ڏينهن سول ڪپڙا پهريل نامعلوم اهلڪار سندس دڪان تان کنڀي کڻي ويا آهن، اهڙو اطلاع اسان کي اتان جي دڪاندارن فون تي ڏنو آهي. هن چيو ته پٽ مجاهد علي بليدي جو واسطو ڪنهن به سياسي جماعت سان نه آهي ۽ نه ئي وري هن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، جيڪو گهر کان پري رهي گهرڀاتين لاءِ پورهيو ڪندو آهي، جنهن کي بيگناھ کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.
