ميرپورخاص:مقتول مشتاق مڱريو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ مارجي ويل نوجوان جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو, ميرپورخاص جي ٽائون ٿاڻي جي حد جمعون مجاهد ڳوٺ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان مشتاق مڱريو جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن حاڪم علي مڱريو، وڪيل غلام اسحاق مڱريو ۽ آچر مڱريو جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهري بعد ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ  معطل ٿي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته سندن نوجوان کي هٿياربندن بيگناهه قتل ڪيو آهي ۽ جهيڙي بابت پوليس کي اڳواٽ ئي اطلاع ڏنو ويو  هو پر ان ڏس ۾ پوليس ڪو به قدم نه کنيو، جنهن سبب سندن نوجوان قتل ٿي ويو. هنن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ته ڪيو ويو آهي پر پوليس اڃا تائين اصل جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن چيو ته جوابدارن کي بااثر ڌرين جي سپورٽ حاصل آهي، ان ڪري پوليس منجهن هٿ وجهڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته جوابدار ڌر جا ماڻهو اڃا به وڌيڪ جهيڙو ڪرڻ چاهين ٿا پر پوليس ان ڏس ۾ ڪي به قدم نه کڻي رهي آهي ۽ ان غفلت سبب وڌيڪ خونريزيءَ جو خطرو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں