نوري آباد واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي اباڻي ڳوٺ ڀرسان تدفين،بلاول ۽ وڏي وزير نوٽيس ورتو

ڄامشورو(ڊ ر)گذريل رات نوري آباد ڀرسان M-9 موٽر وي تي مسافر ڪوچ کي باھ لڳڻ واري واقعي ۾ هڪ ئي خاندان جي 12 معصوم ٻارڙن سميت 18 ڄڻن فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ مرد ۽ هڪ عورت زخمي ٿيا آهن.  جڏهن ته  ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين جا لاش وارثن جي مرضي مطابق بغير پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي ايڌي هوم ٽول پلازه ڪراچي منتقل ڪيا ويا جتي انهن کي غسل ۽ ڪفن کانپوء ڪاٺ جي پيتين ۾ بند ڪري ايڌي جي 9 ايمبولنسن جي ذريعي ڄامشورو. آمري. قاضي احمد. مورو. دادو ۽ سيتا روڊ کان اباڻي ڳوٺ خيرپور ناٿن شاھ پهچايا ويا. جتي ٻوڏ سبب ڳوٺ جو قديمي قبرستان پاڻي هيٺ هجڻ سبب اجل جو شڪار ٿيل 18 ڄڻن جي لاشن لاء ڳوٺ جي ڀرسان 17 الڳ الڳ سان قبرون ٺاهيون ويون. جڏهن ته هڪ قبر گهٽ هجڻ سبب هڪ معصوم ٻار کي سندس فوت ٿي ويل ماءۡ جي ڇاتي تي رکي ان سان گڏ دفنايو ويو. جڏهن ته 18 لاشن سان ڀريل ايبولنسن جي ڄامشوري مان گذرڻ وقت ڄامشورو جا رهواسي وڏي تحداد ۾ ڄامشورو فلاء اوور هيڊ برج تي هيٺان ۽ مٿان گڏ ٿي ويا ۽ ڪي اين شاھ ۽ سڄي سنڌ جيان ڄامشورو ۾ به انتهائي سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. واضع رهي ته نوري آباد وٽ نيشنل هاء وي تي ٻوڏ متاثر جي ڪوچ ۾ اوچتو باھ لڳي وئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. جنهن ۾ امداد مغيري جون 8 نياڻيون مريم. ريشما. صويرا. مفرا . سانيا. زليخان. ثانيا. سسئي. رحيمان سميت انيلا امبرين. خانيا. سومن. افسانا. مسرور. اقرار. مريم. رخسانا. صنم. شاه زين ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. جڏهن ته فوت ٿي ويلن جي جنازي نماز خيرپور ناٿن شاھ جي ڀرسان ڳوٺ مراد ڀرڳڙي ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ ڪنهن به سرڪاري يا چونڊيل نمائندي شرڪت نه ڪئي. جڏهن ته پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعلي’ سنڌ لياقت علي خان جتوئي سميت علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن نوري آباد آباد پوليس موجب حادثي جي شڪار ڪوچ جو ڊرائيور موقعي تي ئي فرار ٿي ويو جڏهن ته حادثي جو شڪار ٿيل ڪوچ پوليس تحويل ۾ آهي. پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويل جو تعلق ڪي اين شاھ واسي مغيري برادري سان آهي جيڪي ٻوڏ متاثر ٿيڻ سبب ڪراچي رهيل هئا ۽ گذريل رات هو واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن وڃي رهيا هئا.هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاھ بعد چيف سيڪريٽري سنڌ محمد اسماعيل راجپوت به ڪوچ کي باھ لڳڻ واري مامري جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ڊي سي ڄامشورو آصف جميل کان رپورٽ طلب ڪندي کيس هدايتون ڪيون آهن ته ريسڪيو عمل تيز ڪري انساني بچايون وڃن. صوبي ۾ هلندڙ  مسافر ڪوچن جي فٽنيس جي رپورٽ ڏني وڃي. چيف سيڪريٽري سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي آهي زخمين جو بهتر نموني سان علاج ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں