ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر نتيجو ڏيندڙ ڳالهين لاءِ نئين دهلي کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

آستانه (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي هن وقت بدترين قدرتي آفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي رڪارڊ برساتن منهنجي ملڪ جي 3 ڪروڙ عوام کي بي گهر ڪري ڇڏيو. ٻوڏ متاثرن جي بحالي وڏو چئلينج آهي، موسمياتي تبديلين پاڪستان کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي. ٻوڏ پاڪستان کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ سيڪا سربراهي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي پاڪستان کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت هڪ هزار 600 کان وڌيڪ پاڪستاني پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا. پاڪستان هن وقت بدترين آفتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ دوران اسان جي معيشت کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان پهتو آهي ۽ مون پاڻ گذريل ڪيترن هفتن کان هڪ جڳهه کان ٻئي جڳهه وڃي هن تباهي جو پنهنجي اکين سان مشاهدو ڪيو. مون پنهنجي طرفان سمورن وسيلن جو رخ ريسڪيو، ريليف ۽ ريبيليٽيشن طرف موڙي ڇڏيو آهي، اسان وٽ گهڻي امداد به نه آهي. موسمياتي تبديلي جي طاقت اسان تي قبضو ڪري ورتو آهي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪاربن کي خارج ڪرڻ ۾ صرف هڪ سيڪڙو جو ذميوار آهي پر پوءِ به اسان 10 ملڪن ۾ شامل آهيون جيڪي موسمياتي تبديلين سبب تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. هن تباهي پاڪستان کي ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. هزارين ڪلو ميٽر تي ٻڌل روڊ تباهه ٿي ويا، سمورا ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن ڪپهه، چانور ۽ ڪڻڪ جا فصل تباهه ٿي ويا. وزيراعظم موجب زمين جو وڏو حصو اڄ سمنڊ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. اتي هاڻ نيوي جون ٻيڙيون هلي رهيون آهن جتي ڪڏهن ٻارڙا ڪرڪيٽ ۽ فٽ بال راند کيڏندا هئا. ڀارت بابت پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي وزيراعظم چيو ته اڄ ڀارت پنهنجي اقليتن، پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ پاڻ پنهنجي لاءِ هڪ خطرو بڻجي چڪو آهي ان جي باوجود اسان ڀارت سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون ڇو ته اسان خطي ۾ وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري کي برداشت نٿا ڪري سگهون. اسان کي پنهنجي عوام کي صحت، تعليم ۽ روزگار ڏيڻ لاءِ وڌيڪ وسيلن جي ضرورت آهي. اسان ڀارت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر سنجيده ۽ نتيجو ڏيندڙ ڳالهين جي ڀارت کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي. ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ظلمن جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي وزيراعظم ڀارت کي پرامن ڳالهين جي به دعوت ڏني.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں