ڪڍڻ(ن س) ڪڍڻ پيرا ميڊيڪل اسٽاف سنڌ صوبي جي ملازمن کي ملندڙ ڪرونا رسڪ الائونس کي سنڌ ڪابينا پاران ختم ڪرڻ واري امڪاني فيصلي خلاف آر ايڇ سي ڪڍڻ ۾ ميڊيڪل ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جو ڊاڪٽر رائو مل ڊاڪٽر نبيلا خواجه ڊاڪٽر صنعم عبدلغفور چانديو راڻو مل ڪولهي شاھد راھمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو انهن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ جي صحت کاتي وٽ نه غريب سنڌ جي ماڻھن لاء دوائن لاء پئسو آھي نه وري سالن کي اسپتالن اندر خدمت ڪندڙ اسٽاف جي لاء سھوليتون نه رسڪ الائونس نه سروس اسٽيڪچر بس باقي ٻين معاملن ۾ سرڪار خود ڪفيل آھي ھنن اڳواڻن چتاء ڏنو ته جيڪڏھن ڪرونا رسڪ الائونس کي ختم ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين مجبور ڪري اسپتالون بند ڪرڻ کان بچايو پنھنجو فيصلو واپس وٺو
