باڊھ(رپورٽ:جي ايم چنجڻي) باڊھ ۾ جميعت علماء اسلام وارڊ نمبر 04 جي ورڪرن پاران برسات ۾ متاثر ٿيل ڪارڪنن توڙي سندن عزيزن جي واهر نه ٿيڻ خلاف بيوس چوڪ تي محمد حسن نوناري،محمد الياس نوناري،غلام عباس نوناري،مولانا عبدالخالق نوناري، معشوق علي نوناري عبدالحميد نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آگسٽ ۾ پيل برساتن ۾ اسان جو وارڊ نمبر 04 تمام سخت متاثر ٿيو آهي ان سان گڏوگڏاسان جا گهر ۽ روزگار پڻ سخت متاثر ٿيا آهن پر هن وقت تائين اسان جي سرڪار سميت ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي ٻيو ته ٺهيو پر اسان جي جميعت علماء اسلام به ڪائي واهر نه ڪئي آهي. هنن وڌيڪ چيو اسان کي ميڊيا وسيلي خبر پوي ٿي ته علامه مولانا راشد محمود سومرو صاحب سموري سنڌ جي ڪارڪنن سميت باڊھ جي ورڪرن جي مدد ڪري رهيو آهي پر اسين کيس هن ميڊيا وسيلي اها آگاهي ڏيندي اپيل ٿا ڪريون ته توهان جي پاران موڪليل امداد يا راشن باڊھ وارڊ نمبر 04 جي ڪارڪنن تائين نه پهچي رهيو آهي جڏهن ته پورو جو پورو وارڊ جميعت علماء اسلام جو آهي ۽ اها به خبر پئي آهي ته جميعت علماء اسلام مرڪز توڙي سنڌ پاران ڪارڪنن لاء موڪليل راشن توڙي امداد هتان ڪجھ تعلقه اڳواڻ پنهنجي مرضي موجب پنهنجن من پسند ماڻهن ۾ تقسيم ڪري رهيا آهن جيڪا اسان سان سراسر ناانصافي آهي جنهن جو پڻ ازالو ٿيڻ گهرجي. هنن علامه مولانا راشد محمود سومرو کان مطالبو ڪيو ته فورن وارڊ نمبر 04 جي برسات متاثرين جي واهر ڪرائي کين تباھ ٿي ويل پنهنجن گهرن ۾ آباد ڪرايو وڃي.
