بلاول ڀٽو ناراض دوست ملڪن کي پرچائي ورتو

عبدالمجيد بروھي
ٻـ سال اڳ جڏھن وزيراعظم عمران خان ھيو ان وقت جڏنھن نيازي صاحب سندس وزيرخارجا صاحب پاران غيرملڪي دورا ڪيا ويندا ھيا اھي ٻاھرين ملڪ ۾ پنھنجي ملڪ جي ادارن ۽ ملڪ جي وڏن عوامي ليڊرن مٿان تنقيد سميت ڪوڙا قصا کڻي الزام ۽ گاگندا ڪندا رھندا ھيا جنھن بـ ملڪ ۾ ويندا ھيا اتي پنھنجي ئي ملڪ جي جي ماڻھنجي گلا غيبت ڪندا ھيا جنھن بعد تمام عالمي اڳواڻن کي اھا پڪ ٿي وئي ھئي تـ ھي ھمراھ ڪنھن بـ ڪم جو نـ آھي ھي ويچارو ذھني مريض آھي ۽ اھي اھو پڻ سوچيندا ھيا تـ اسان ھن ھمراھ کان ھڪ ٻن ڏينھن ۾ تنگ ٿي وڃون ٿا ور سلام آھي پاڪستان جي عوام کي جيڪي ھن کي ايترن سالن کانـبرداشت ڪندا پيا اچن عمران نيازي ۽ سندس ٽيم جي ناڪام خارجا پاليسين سبب پاڪستان جا تمام ويجھا سمجھيا ويندڙ دوست ۾ جن ۾ چين ايران سعوديا قطر يو اي اي ترڪي پاڪستان کان ناراض ٿي ويا ھيا انھن سڀني ملڪن سميت پاڪستان سان عالمي واپار سميت ناڻي جي مٽا سٽا ۾ ساٿ ڏيندڙ امريڪا يورپ ۽ انگليڊ وارا پڻ عمران نيازي کان بيزار ھيا جنھن سبب ملڪ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو نيازي ۽ سندس ٽيم مان دنيا وارا بيزار ٿي ويا آء ايم ايف وارن سندس کي ڪوڙو سمجھندي پاڪستان کي قرض ڏيڻ کان صاف انڪارڪيو جنھن بعد ويندي ويندي عمران نيازي امريڪا سان بـ لاڳاپا وڌيڪ خراب ڪري جنھن بعد ملڪ جون حالتون انتھائي خراب ٿيون معيشت کي ٻوڙي ڇڏيائين ملڪ ۾ سرڪاري ملازمن کي پگھارون ڏيڻ لاء وفاق وٽ پيسا نـ بچايائين جنھن سبب آء ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ وارن پاڪستان کي وڌيڪ قرض ڏيڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيائين جنھن بعد ويندي ويندي نيازي حڪومت سڀني دوست ملڪن کي ناراض ڪري ويو ڪير بـ پاڪستان جي مدد لاء تيار نـ ھيو جنھن بعد موجودا حڪومت پاران پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي وزيرخارجا مقرر ڪيو ويو ان بعد پوري دنيا جي ملڪن جي دوري تي نڪتل بلاول ڀٽو جو شاندار نمنوي سان آجيان کي سڀني ڏٺو اقوام متحدا جي ھيڊڪوراٽر جي دوري دوران سڪيريٽري اقوام متحدا پاران پنھنجي سيٽ تان اٿي ڪري وزير خارچا بلاول ڀٽو جو شاندار استقبال ڪيو امريڪا جي دوري دوران صدر جو بائڊن پاران کيس مڪمل سھڪار جو واعدو ڪيو ويو چين ھڪ ڀيرو ٻيھر دوست ملڪ بڻجي ويو ايران سعوديا جا يو اي اي قطر جا ملڪ بلاول سان مليا مڪمل سھڪار جي خاطري ڪرايائون پوري دنيا جي ملڪن جي سھڪار سان آء ايم ايف وارن پاڪستان سان ڳالھيون شروع ڪيون ۽ دوستن ملڪن جي واپس پاڪستان جي دوستي قائم ٿيڻ بعد آء ايم ايف پاران پاڪستان جي قسط ٻيڻي ڪري پيسا جاري ڪيا ان بعد جڏنھن ملڪ ۾ برساتن تباھي مچائي تـ جنھن نموني پاڪستان جو ڪيس وزيرخارجا بلاول ڀٽو پاران عالمي ملڪن جي دورن دوران مسئلي کي کنيو ان جو مثال ڪٿي نٿو ملي پوري دنيا جي ملڪن پاران پ پ پ چيئرمين جي اپيل تي اربين ڊالر پاڪستان کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو بھتر خارجا پاليسي جي ڪري اقوام متحدا جو سربراھ پاڪستان جي دوري تي آيو جنھن ٻوڏ متاثر علائقن جو ھوائي دورو ڪيو ان بعد امريڪي حڪمران پڻ پاڪستان جي دوري تي آيا جن کي پڻ دورو ڪرائي بريف ڪيو ويو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران تمام ملڪن جي سفيرن کي گڏ ڪري کين برسات متاثر شھرن جو دورو ڪرايو ان بعد جڏنھن اقوام متحدا جي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ٿيو تـ تمام ملڪن پاران پاڪستان سان لاڳاپن کي مڪمل بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڊالرن جي برسات ڪري ڏني ان موقعي تي جڏنھن اقوام متحدا جي سيڪريٽري پاران اھو اعلان ڪري ووٽنگ ڪرايائين تـ ھي جيڪو قھرپاڪستان جي عوام مٿان برپا ٿيو آھي ان ۾ پاڪستاني حڪومت جو ڪو ڏوھ نـ آھي اھو سڄو ڏوھ انھن ملڪن جو آھي جن موسم جي تبديلي ۾ ڪردار ادا ڪيو جن ملڪن پنھنجي فائدي جي ڪري گرمي پد پيدا ڪيو ۽ جنھن سبب گرمائش وڌي وڃڻ ڪري برساتون پيون ۽ انجو شڪار پاڪستان بڻيو ان لاء دنيا جي 141 ملڪن پاران وزيرخارجا بلاول ڀٽو جي بھترين خارجا پاليسي جي ڪري پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ايتري قدر جو روس ۽ جرمني وارن پڻ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڪيو اھو سڄو ڪريڊٽ وزير خارجا بلاول ڀٽو ڏانھن وڃي ٿو جيڪا ڳالھ محترم نيازي ڳالھ کي نٿي وڻي انجي ڪري ڇو تـ بلاول ڀٽوپاران نيازي جي بگاڙيل ماحول کي درست ڪيو آھي جرمني جي دوري دوران جنھن شاندار نموني سان وزير خارجا بلاول ڀٽو جو استقبال ڪيوـويو انجھڙو استقبال پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏنھن بـ ڪنھن حڪمران جو جرمني وارن نـ ڪيو ھوندو پنجاھ ڪروڙ يورو جو اعلان اھو بـ جرمني پاران جنھن ڪڏنھن بـ پاڪستان جي حمايت ان کان اڳ ناھي ڪئي ان جرمني جي حڪومت بلاول ڀٽو کي ڪارپيٽ استقبال ڪري سڀني کي حيران پريشان ڪري ڇڏيو آھي وزيرخارجا بلاول ڀٽو جي شاندار حڪمت عملي جي ڪشمير جي معاملو پڻ دنيا وارن ھاڻي کنيو آھي ۽ اھي بـ ان ڳالھ سان سھمت لڳن پيا تـ واقعي انڊيا ڪشميرين سان ظلم ڪري۔ رھيو آھي انڊيا وارا ھن وقت اڪيلا ٿي ويا آھن سندس جا دوست ملڪ جرمني فرانس روس ھاڻي پاڪستان جا ويجھا دوست بڻجي چڪا آھن انھن کي نوجوان بلاول ڀٽو پاران پوري دنيا آڏو ظالم وائکو ڪري ڏيکاريو ويو آھن جنھن سبب ھاڻي انھن جو وايون بتال ٿي ويون آھن اڃا جيڪڏنھن ھن حڪومت کي وڌيڪ وقت مليو تـ پوء اقوام متحدا وارا تمام جلد ڪشمير جي معاملي تي بـ ووٽينگ ڪرائي سگھن ٿا جنھن انڊيا کي بلاول ڀٽو پنھنجي سياسي بصيرت جي ڪري وڏي اڪثريت سان ھارائي سگھي ٿو
Brohimajeed123@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں