تلهار(رپورٽ: علي رضا خواجه ) تلھار جي ڳوٺ گُلڻ خاصخيلي جي رهواسڻ شادي شده ناري ثمرين خاصخيلي ۽ سندس 2 ساله ڀيڻ انزا خاصخيلي کي سندس مُڙس نويد خاصخيلي پاران گم ڪرڻ خلاف ناري جي وارثن والد گلزار خاصخيلي ،والدہ لال خاتون ۽ ٻين رمضان خاصخيلي ،محمد آچار ۽ ٻين صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو آهي ته اسان 3 سال پهرين پنهنجي نياڻي نويد خاصخيلي سان پرڻائي ڏني بعد ۾ جوابدار پاران اسان جي 2 ساله نياڻي انزا کي هنج ورتو جنهن کانپوءِ اسان جي نياڻين سان اسان سان ملڻ نه ڏنو ويو اسان جي پُڇا ڪرڻ تي نويد خاصخيلي مختلف بہانہ بڻايا ۽ اسان جون نياڻيون گم ڪري ڇڏيون آهن اسان کي خدشو آهي ته اسان جي نياڻين کي يا ته گم ڪيو ويو آهي يا کين وڪرو يا قتل ڪيو ويو آهي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان حيدرآباد ۾ نويد خاصخيلي سميت 3 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس صرف هڪ جوابدار نويد کي گرفتار ڪيو آهي پر پوليس ڪيس ۾ گهربل 2 جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ کانئن پڇا ڳاڇا ڪري اسان جون نياڻيون اسان کي زنده واپس ڪرايون وڃن ،هنن وزير اعلي سنڌ،آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآبادکان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي
