حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته سنڌ جو انفراسٽڪچر تباهه ٿي ويو آهي، جنهن جو سبب ڪجهه خراب حڪمراني آهي ۽ ڪجهه قدرتي آفت آهي ۽ ان جو حل ماڻهن وٽ آهي، اوهان ڪهڙا نمائندا چونڊيو ٿا، ڪنهن کي اسيمبلي ۾ موڪليو ٿا، جن کي توهان چونڊي موڪليو ٿا اهي ئي توهان جا نمائندا آهن، جيڪڏهن چونڊيل نمائندن کي اهو احساس هجي ته هر پنجن سالن کانپوءِ اسان جو ووٽرن جي هٿان احتساب ٿيندو ته شايد هي حالت نه هجي ها. اهڙن خيالن جو اظهار هن حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، جسٽس احمد علي شيخ چيو ته سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو موجود آهن، ڪو زمانو هو ته جڏهن خط ايندو هو ته شهر ۾ ڪنهن ماڻهو وٽ ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي خط آيو آهي پڙهي ٻڌايو، هاڻ ته سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ باشعور ۽ پڙهيل ماڻهو موجود آهن، توهان جي تقدير توهان جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته عدالتن کي هڪ توازن رکڻو آهي، حڪومت جا پنهنجا انتظامي معاملا آهن ۽ عدليا جو پنهنجو ڪم آهي، عدليا انتظاميا جو ڪم نٿي ڪري سگهي، عدليا جو بنيادي ڪم قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، اهڙي طرح پارليامينٽ جو ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي ۽ ايڊمنسٽريشن جو ڪم آهي ته هو پنهنجا معاملات هلائي، انتظامي معاملن جو عدالتن سان تعلق ناهي، هر ڪنهن جو پنهنجو هڪ دائرو آهي ان دائري ۾ رهي ڪري انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته وڪيل معاشري جو باشعور طبقو آهي، عام ماڻهو جي مقابلي ۾ هو پنهنجن حقن جي حوالي سان وڌيڪ باخبر آهن. هن چيو ته پنهنجن حقن جي حوالي سان عوام بهتر پوزيشن ۾ آهي ته هو پنهنجن نمائندن کان ڪارڪردگي بابت پڇي سگهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ٻوڏ جي حوالي سان مون وٽ ڪي انگ اکر ناهن ته پوءِ ان تي ڇا ٿو ڳالهائي سگهان، ٻي ڳالهه اها آهي ته هي معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، جيڪو معاملو ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت ۾ زير التوا آهي ان تي ڪو تبصرو نٿو ڪري سگهجي. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته عوام کي ڪو سياسي پيغام نٿو ڏيڻ چاهيان، انصاف هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، جيڪو هر ماڻهو کي ملڻ گهرجي ۽ هر ماڻهو کي انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ متحرڪ به رهڻ گهرجي.
