روس مان خوش آهيون، آمريڪا تي اعتماد ناهي: فلسطين

يروشلم(ويب ڊيسڪ) فلسطين جي صدر محمود عباس ۽ سندس روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن جي ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ هن اسرائيل سان تڪرار جي حل لاءِ آمريڪا تي عدم اعتماد ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته روس جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. صدر محمود عباس عالمي ٽياڪڙي ڪندڙن آمريڪا، روس، گڏيل قومن ۽ يورپي يونين جي حمايت کي ورجايو پر چيو ته آمريڪا کي اڪيلي ئي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته اسان آمريڪا تي يقين ناهيون ڪندا، اسان ان تي ڀاڙي نٿا سگهون ۽ ڪنهن به صورت ۾ اسان اهو قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهيون ته آمريڪا ئي اسرائيل سان تڪرار ختم ڪرڻ جي لاءِ اڪيلو شرڪت ڪندڙ بڻجي. فلسطيني صدر چيو آهي ته آمريڪا ٻين ٽياڪڙي ڪندڙن ۾ شامل آهي ، اهو هڪ وڏو ملڪ آهي پر اسان پوءِ انکي ڪڏهن به اڪيلو شرڪت ڪندڙ قبول نه ڪنداسين. صدر محمود عباس چيو ته اهي فلسطيني عوام جي لاءِ روس جي پوزيشن جي حوالي سان مڪمل طور مطمئن آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته روس انصاف ۽ عالمي قانونن سان گڏ بيٺو آهي جيڪو اسان جي لاءِ ڪافي آهي، جڏهن توهان چئي رهيا آهيو ته توهان عالمي ضابطي جي لاءِ ساٿ ڏيندئو، اهو ئي اسان جي لاءِ ڪافي آهي. مان به اهو ئي چاهيان ٿو، اهو ئي سبب آهي جو اسان روس جي پوزيشن مان خوش ۽ مطمئن آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں