مجيد نواز مغل
سنڌي صحافت ۾ ڪيترن نيڪ ڪردارن پنھنجي ڌرتيء جو مان مٿانھون ڪندي مثالي ڪارناما انجام ڏنا آھن. پرانھن مان چند اڱرين تي ڳڻن جيترن شخصيتن انور پيرزادو بدر ابڙو ھدايت منگي ف م لاشاري سھيل سانگي ۽ ٻين ڪيترن صحافتي تاريخ ۾ نالو ڪمايو. انھن مان ئي ھڪ ضلعي گھوٽجي جي تعلقي ڏھرڪي جي ھڪ ڳوٺ ڀاڳو ڀٽو جي رھاڪو ۽ کاٻي ڌر جي سياست سان لاڳاپيل شخصيت شبير بيدار ڀٽو کي ڪير نٿو سڃاڻي ؟. جنھن جو سنڌ جي صحافت ۾ اعلي مقام آھي. شبير 14 جون 1959ع تي ڪوٽلو مرزا لڳ اينگرو ڪيميڪل فيڪٽري دوست محمد ڀٽو جي گھر ۾ جنم ورتو. ھن شروعاتي تعليم ڏھرڪي ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ ھو پنھنجي شاگرديء واري دور ۾ تمام ھوشار شاگرد ليکيو ويندو ھو. ھو تعليم مڪمل ڪرڻ دوران ئي روزگار جي دڳ سان لڳي ويو ڇاڪاڻ ته سندس ڪٽنب غربت سبب کيس وڌيڪ تعليم نه پيو ڏياري سگھي. ھن سکر ۾ ھڪ سرڪاري ڊسپينسري ۾ سرڪاري شماريات کاتي ۾ ۽ گھوٽڪيء ۾ بئنڪ جي نوڪري پڻ ڪئي. ھن سياست ايس اين ايس ايف جي پليٽ فارم تان شروع ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي سنڌي ادبي سنگت ۽ ساٿي ٻارڙا سنگت جي پليٽ فارم تي سرگرم ڪردار ادا ڪيو. جنھن ۾ ھن پنھنجي صلاحيتن جي آڌار تي ڪافي مشھوري ماڻين. سندس ڪھاڻين جو ھڪ ڪتاب قافلو 80 جي ڏھاڪي ۾ پڌرو ٿيو. ھن ڪافي گيت نثري پابند آزاد نظم غزل ٽيڙو ۽ ھائيڪا پڻ لکيا بعد ۾ ھن صحافت طرف لاڙو اختيار ڪيو ۽ ھن پنھنجي صحافتي پيشي سان وابستگي ۽ سياست ڪري شماريات کاتي واري نوڪري ڇڏي ڏني ۽ آخر ۾ ھن ڪل وقتي صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. جتي پڻ ھن نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ ڪنھن به معمولي پريس ريليز کي جاندار خبر بنائڻ جو ڏانء حاصل ڪيو. جنھن جو ملڪو شايد کيس ئي مرڻ گھڙي تائين حاصل رھيو. سنڌ جي مختلف ايشوز خاص ڪري زرعي سڌرا ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڌارين جي آباد ڪاري ۽ ٻيا انيڪ مسئلا سندس صحافتي توجھ ھيٺ رھيا. انھيء دور ۾ سنڌ جي ان وقت جي مشھور سياست دان ۽ وڏي وزير ڄام صادق کان بھارين جي سنڌ ۾ آباد ڪاريءبابت پڇيل سوال تي وڏو وزير ان تي ڏمرجي پيو (ان واقعي جو مان عيني گواھ آھيان ) اھڙي ريت کيس سکر مان ھڪ ھندوء جي اغوا جي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي شبير ڀٽو کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ تي بند ڪري رکيو ويو. جتي ان مٿان سخت ترين تشدد پڻ ڪيو ويو ۽ ڪافي وقت بعد ڪچي جي ھڪ دوري وقت ڪراچي جي ان وقت جي ڪور ڪمانڊر لھرسياب خان منھـنجي سامھون کائنس معذرت ڪندي انھيء گرفتاريء تي معافي پڻ ورتي ھئي. شبير بيدار ڀٽو جنھن جو سياسي نالو سڄڻ ڀٽو ھو. سنڌي صحافت ۾ ھفتيوار ۽ ماھوار ڊائريون لکڻ جو جيڪو رواج ماضيء ۾ ناليوار صحافي ھدايت منگي وڌو. شبير پڻ انھيء تسلسل کي پنھنجي انداز سان جاري رکيو. جنھن جو سندس وفات بعد سکر واري پل تان شبير بيدار ڀٽو لکي ٿو نالي سان ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آيو. شبير ڀٽو سان مون پنھـنجي صحافتي ۽ ادبي زندگيء جا 17 سال گڏ گھاريا. سندس ڪيترن ئي چڳائين ۽ خامين کان واقف رھيس . ھو ھر وقت ھر ھنڌ کل ڀوڳ ڪرڻ جو ماھر ھو. ھو سخت بيمار ھجڻ باوجود کل ڀوڳ ڪندو رھندو ھو. ڪنھن کي به تصور ۾ نه ھو ته ھو جلد انھيء جھان ڏانھن ھليو ويندو جتان ڪوبه واپس ناھي آيو. سندس سموري حياتي مالي پريشانين ۾ گذري. ننڍپڻ کان ۾ پورھيت طبقي جي مشڪلات کي سمجھندي ان جي نجات جي سياست ۾ پير پاتو. ھن جي اولاد پڻ مشڪل مالي حالتن ۾ رھندي پئي اچي. اڄ سندس 6 ورسي تي سندس ڇڏيل ادب ۽ صحافتي پورھي کي ريڪارڊ تي آڻن لاءسندس گھڻ گھرن دوستن ۽ ساٿين کي وچن ڪرڻ گھرجي . صحافتي دنيا ظالم دنيا آھي. انھيء منجھ ڪارناما انجام ڏيندڙن کي رڳو سنگل ڪالم جي خبر جو ڪارج ئي بڻايو وڃي ٿو.
