سکر(بيورو رپورٽ) ٻه ڏينهن اڳ سکر ضلعي جي تعلقي پنوعاقل لڳ دادلوء ٿاڻي جي حد ڳوٺ مھيسرو ۾ تيزاب هاري ساڙي زخمي ڪيل عورت مسمات فرزانه ميراڻي پنهنجي وارثن محمد ياسين ميراڻي ۔مير محمد ميراڻي ۔اسٽيپ فائونڊيشن چيئرپرسن شائسته کوسو ۽ ٻين سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آھي مڙس جي فوت ٿيڻ بعد پنهنجي ڏير محرم سان شادي ڪئي هئي جڏهن ته پهرين مڙس مان ٽن ٻارن جو اولاد پڻ آھي ۔هن ٻڌايو ته فوتي مڙس جي اولاد پنهنجي ٻارڙن لاء زمين ۽ ٻي ملڪيت مان حصو گهريو ته رات جو دير سان سندس سهري، ڏيرن ۽ مڙس مون ۽ منهنجي نياڻي يسره مٿان تيزاب هاري ساڙي زخمي ڪيو آھي متاثر عورت جو چوڻ هو ته نياڻي يسره جي حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس گمبٽ اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو جتي زخمن جا سور نه سنهدي فوت ٿي وئي آهي يسره جي فوت ٿيڻ جو مونکي اطلاع به ناهي ڏنو ويو ۽ نه ئي وري مونکي يسره جو منهن ڏيکاريو ويو آهي۔ هن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آھي ته واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي سندس نياڻي جي قاتلن کي سخت سزا ڏئي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
