لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي ذوالفقار باغ واري علائقي جي رهواسين عورتن پنهنجي ٻارن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي ڪراچي مان مبينا کنڀي گم ڪيل درزي نوجوان جي آزادي لاءِ ڪالهه ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شگر جي مرض ۾ مبتلا پيرسن بيواھه عورت هير خاتون بليدي پنهنجي ساهيڙي رحمت خاتون، ڌيءُ نظيران خاتون، پٽن مختيار علي، حسنين بليدي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته اسين انتهائي غريب مسڪين آهيون، ڪجهه سال اڳ مڙس فيض محمد بليدي فوت ٿي ويو جنهن کان پوءِ منهنجا 2 پٽ درزڪو ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا آهن. هن چيو ته منهنجو 20 سالن جو نوجوان پٽ مجاهد علي بليدي سال کان وٺي ڪراچيءَ جي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو ڪم ڪندو آهي جيڪو گذريل ڏينهن جوهر اسڪوائر مان پنهنجي دڪان تان کنڀجي ويو اهڙي واقعي بابت دڪاندارن اسان کي فون ڪري ٻڌايو جنهن کان پوءِ اسان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هن چيو ته منهنجي پٽ مجاهد علي بليدي جو ڪنهن به سياسي جماعت سان ناهي ۽ نه ئي سندس مٿان ڪو ڪيس داخل آهي جنهن کي بيگناهه کنڀي گم ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف، وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں