نوابشاهه ۾ ناريءَ جو بااثرن طرفان مبينا ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاج

نوابشاه(ڊ ر) نوابشاه جي علائقي دولت ڪالوني جي رھواسڻ نوجوان ناري فرحانہ اڄڻ نوابشاه پريس ڪلب پھچي بااثرن سھڻي اوڏ، راجا اوڏ، سريش ڪمار عرف سوتي، روشن ۽ ٻين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو آھي ته مون خيرپورميرس جي رھواسڻ عورت سھڻي اوڏ کي ھڪ سال پھريان ڪاروبار لاءِ 15 لک روپيا ڏنا ھئا ۽ جڏھن مان پنھنجا جائز پئسا ان کان گھريا ته ان مونکي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ مونکي ڌمڪيون ڏنيون ته تون مونکان وياج جا پئسا وٺين ٿي، توکي پوليس کان گرفتار ڪرائيندس ۽ مونکي پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ھن چيو ته مان وياج جا پئسا نٿي وٺان منھنجا جيڪي جائز پئسا آھن اھي مونکي ڏنا وڃن، ھن چيو ته مون پوليس کي شڪايت ڪئي ليڪن پوليس منھنجي ڪابه مدد نٿي ڪري، جڏهن ته سھڻي اوڏ پنھنجي مئنيجر صفر جوڳي جي چوڻ تي مونکي تنگ ڪري ٿي ۽ پوليس جون ڌمڪيون ڏئي ٿي، ھن چيو ته مون سھڻي اوڏ وٽ وي سي رکي ھئي منھنجي اھا وي سي به کڻي وئي، ھن چيو ته سھڻي اوڏ بااثرن راجا اوڏ، سريش ڪمار عرف سوتي، روشن مان مونکي جان جو خطرو آهي مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي پنھنجا جائز پئسا وٺرائي ڏنا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں