هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيان ٿي:ام رباب چانڊيو

دادو (ڊ ر) ام رباب چانڊيو دادو جي عدالت پهچي وئي. هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران 15 ڏينهن اندر فرد جرم لاڳو ڪرڻ ۽ 3 مهينن اندر ڪيس اڪلائڻ واري فيصلي جي ڪاپي کڻي ام رباب چانڊيو وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ دادو جي عدالت پهتي.ام رباب چانڊيو ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ فيصلي جي ڪاپي جمع ڪرائي.ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ساراهيان ٿي، عدالتن جي فيصلي تي پوري اميد آهي  گذريل 5 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽيا آهن اميد آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں