ٽنڊو آدم ڀرسان زال مڙس پاران 3 ٻارڙن سميت آپگهات جي ڪوشش

ٽنڊوآدم ( ن س )  ٽنڊوآدم تعلقه ٿاڻي جي حد ۾ لانڍي بس اسٽاپ لڳ اوڏ قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ ئي خاندان جي 5 فردن جن ۾ 38 سالن جو رياض اوڏ ، سندس  35 سالن جي زال انجلي اوڏ پنهنجن ٽن معصوم ٻارڙن 7 سالن جي ڌيءَ ڪاجل ، 5 سالن جي پٽ ساجن ۽ 2 سالن جي ڌيءَ لڇمي سميت غربت ۽ بک سبب بيزار ٿي سم نالي ۾ ٽپو ڏيئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي ڳوٺاڻن ڏسي ورتو ۽ پو ليس جي مدد سان کين بچائي ورتو پوليس موجب  آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ اوڏ خاندان سرن جي بٺي تي ڪم ڪندو آهي حاليه برساتن بعد سندن پورهيو ختم ٿي ويو آهي جنهن ڪري غربت ۽ بک کان بيزار ٿي  هنن اهڙو قدم کنيو آهي ايس ايس پي سانگهڙ طرفان متاثر خاندان جي راشن لاءِ 10 هزار روپيه ڏنا ويا جڏهن ته پوليس پاران متاثر خاندان کي سندن عزيز سيتل اوڏ حوالي ڪيو ويو .  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں