پيپلزپارٽي طرفان باني ميمبر اعتزاز احسن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور (بيورو) پيپلزپارٽي پنهنجي باني ميمبر اعتزاز احسن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پيپلزپارٽي اعتزاز احسن جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ پارٽي جي بنيادي رڪنيت معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ پنجاب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي اڄ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري کي سفارشون موڪليندي. پ پ ذريعن جو چوڻ آهي ته ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اڄوڪي اجلاس ۾ اعتزاز احسن جي بيانن خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو ويندو، پنجاب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي طرفان کيس شوڪاز نوٽيس پڻ اماڻيو ويندو. ذريعن موجب اعتزاز احسن خلاف ڪارروائي جو فيصلو آصف زرداري جي هدايت تي ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں