رياض ابڙو
ڳالھ ڦري گهري اچي ان ڳالھ تي بيٺي آ ته عمران خان ڪوڙو ايفيڊيوٽ (دستاويز) اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڇو ڪرايو، يا جيڪو سچ هيو اهو ٻڌائي هان، يا جڏهن هن فارين فندنگ ڪئي به هئي (يا اڃان تائين پيو ڪري) ۽ علي اعلان عمران خان ٻاهرين ملڪن کان ڊالرن ۾ پئيسا وٺي نئين پاڪستان جو بنياد رکيو ۽ دنيا کي ڪري ڏيکاريو ته 75 سال پراڻو پاڪستان هاڻي واقعي ئي پراڻو ٿي ويو آ پر هن عمران خان جا ووٽر اڃان نوان نڪور لڳا پيا آهن جيڪي هن پاڪستان جي لاءِ فٽ آهن جنهن نئين پاڪستان ۾ اڃان ڪجھ ڪم باقي جنهن ۾ آزادي، آمريڪا جي غلامي مان قوم کي آزاد ڪرائڻ، اسرائيل کان جان ڇڏائڻ، امپورٽيڊ حڪومتن کي نيست ۽ نابود ڪرڻ، مسٽر ايڪس ۽ واءِ کان جان ڇڏائڻ، عسڪري قوتن کي محدود ڪرڻ جهڙا ڪم وغيره وغيره، ان ڪري هاڻي ايف آءِ اي سرڪل اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي (سڀني ڌار ڌار ايف آءِ آر به داخل ڪري ڇڏي آ) ان ڳالھ تي اڀري پئي آ ته اليڪشن ڪميشن سان عمران خان ڪوڙ ڇو ڳالهايو، ايف آءِ آر جيڪا گذريل مهيني داخل ڪئي وئي هئي (ان تي عمل لڳي ٿو هاڻي ٿيندو) ان ڪري عمران خان جو سياسي دائرو هاڻي اڃان به سوڙهو ٿيندو ويندو، ڇو ته هن پنهنجي سياست کي ڄڻ پاڻ ورايو آ يا پاڻ پنهنجي سياست مان تنگ ٿي چڪو آ. ڪمرشل بئينڪنگ سرڪل جي ان ايف آءِ آر ۾ اهو ذڪر ٿيل آهي ته ابراج گروپ دبئي جي محترم عارف مسعود نقوي جي طرفان حلفيا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ هڪ اسٽيٽمينٽ جمع ٿيل آهي ته ”عمران خان جيڪي به پئيسا فارين فنڊنگ جي صورت ورتا آهن اهي ڪنهن به ڌاريي ملڪ کان ناهن ورتا، يا اهي ڪنهن به غيرملڪي ايجسنيءَ کان ناهن ورتا“ حلانڪي ابراج گروپ اهي فارين فنڊنگ وارا پئيسا ”ووٽن ڪرڪيٽ لميٽڊ“ نالي هڪ اڪائونٽ مان پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي ذاتي پاڪستاني اڪائونٽن ۾ پئي جمع ڪرايا آهن جيڪي وري پي ٽي آءِ قيادت پنهنجن جلسن جلوسن ۾ پئي استعمال ڪيا آهن جيڪي ڪنهن به طرح جائز ناهن يا ملڪي آئين ۽ قانون جي خلاف آهن، ان ڪري ان ڪوڙي اسٽينٽمينٽ پي ٽي آءِ جي سڀني رزان تان پاڻ پردا کڻي ڇڏيا آهن، ڇو ته ايف آءِ آر جي تفصيل موجب اهي پئيسا وري پاڪستاني پرائيويٽ بئينڪن جي اڪائونٽن جي ذريعي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي مختلف اڪائونٽ ۾ پئي ايندا رهيا آهن ته جيئن اهي هڪ اڪائونٽ جي بجاءِ گهڻن اڪائونٽن (گھٽ ۾ گھٽ پي ٽي آءِ جي اعلي قيادت جي 8 ڄڻن ۾ اهي اڪائونٽ جا پئيسا پئي جمع ٿيندا رهيا آهن) وري اهو ڪوڙ هيئن به ثابت ٿيو آهي ته مئي 2013 ۾ انهن اڪائونٽن جي اندر ”ووٽن ڪرڪيٽ لميٽڊ“ جي طرفان ٻه دفعا وري ججها پئيسا جمع ٿيا هيا جيڪي پي ٽي آءِ جي اعلي قيادت مڃيا ئي نه، ان ايف آءِ آر ۾ اهو به ذڪر آهي ته اهي پئيسا پاڪستاني پرائيويٽ بئينڪ (يو بي ايل جناح ايوينيو اسلام آباد) جي هڪ آپريشن مينيجر چودري شاهد بشير جي مدد سان انهن پاڪستاني اڪائونٽ هولڊرن جي اڪائونٽن ۾ پئي آيا آهن، ۽ ان آپريشن مينيجر پارٽي سان سچائي جي بنياد تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي بي لوث خدمت پئي ڪئي، ڇو ته جنهن جذبي تحت نئين پاڪستان ٺهڻ جي ڳالھ هئي ان جذبي تحت ماڻهن ته پنهنجن ادارن جو به خيال نه ڪيو ۽ انهن نامزد اڪائونٽن ۾ پئي پئيسا موڪليندا رهيا هيا، ۽ پي ٽي آءِ وارن انٽرنيٽ مرچنٽ اڪوائرنگ ايگريمينٽ جي تحت وري ان پرائيويٽ بيئنڪ جي اڪائونٽ کي ”نيا پاڪستان“ جي نالي سان ٻيهر مٽرايو ته جيئن ماڻهن جي اکين ۾ سرمو وجهي سگهجن ۽ ٺڳي ڪري اهي پئيسا حلال ڪري سگهجن، پر آئين ۽ قانون ان ڳالھ جي قطعن اجازت نه ٿو ڏئي ته اليڪشن ايڪٽ 1958، 1974، 2002 ۽ 2017 تحت ڪا به سياسي پارٽي، اڳوڻ ۽ نمائدو ٻاهرين ملڪن کان پارٽي جي نالي تي چندو نه ٿو وٺي سگهي يا ڪنهن به طرح چندو نه ٿو ڪري سگهي، پر ڳالھ هاڻي اها ٿي وڃي بيهي ته ان فارين فنڊنگ واري گناھ يا قانون جي ڀڃڪڙي ۾ وري ٻه گناھ شامل ٿي ٿا وڃن، مثال هڪ ته اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪاريل ڪوڙ ۽ ٻيو وري غيرقانوني يا غيرآئيني طريقي سان ٻاهرين ملڪن جي باشندن، ادارن يا ايجنسين کان چندو ڪرڻ، ان ڪري اسلام آباد بئينڪگ سرڪل ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر ۾ پي ٽي آءِ جي اعلي قيادت مٿان سيڪشن 420، 468، 471، 477 اي ۽ فاراين ايڪسچينج ريگيوليشن ايڪٽ تحت سيڪشن 5 ۽ 23 به لاڳايا ويا آهن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اها غيرقانوني رقم ڇو جمع ڪئي ۽ هڪ پاڪستاني پرائيويٽ بيئنڪ (يو بي ايل) ۾ ڇو جمع ڪرائي ۽ ڪيئن ان فراڊ ۽ فراجري تحت اها رقم وري اڪائونٽ جو نالو ڦيرائي يا مٽرائي غيرقانوني طريقي سان پئي جمع ڪرائي، ان ڪري جو هي پي ٽي آءِ وارا عوام سان گڏ ادارن جي اکين ۾ به مٽي ۽ خاڪ وجهي انهن کي انڌو ڪري ٺڳي ڪري ويا اهي غيرقانوني پئيسا پئي جمع ڪرائيندا رهيا آهن جيڪي ٺڳي ۽ فراڊ جي زمري ۾ به اچن ٿا ان ڪري اهي سڀ لاڳاپيل قلم پي ٽي آءِ تي لڳا آهن جن قلمن ۽ قانون مان وري سڄي زندگي پيا جان ڇڏائن، ايف آءِ آر مطابق ابراج ڪپني جي مالڪ عارف مسعود نقوي 2121500 ڊالر جمع ڪرايا جنهن ۾ عمران خان ۽ سيف الله نيازي پاڻ پنهنجن صحين سان جمع ڪرايا آهن، وري 5 آڪٽوبر 2022 تي ڪراچي ۽ لاهور ۾ به اهڙي ساڳي طرح جي ايف آءِ آر ڪٽيل آهي جنهن ۾ به 420 ۽ 109 سڪيشن به لڳل آهي (جيڪي اسلام آباد وري ايف آءِ آر ۾ به لڳل آهن) جڏهن ته لاهو واري ايف آءِ آر ۾ نقوي صاحب، شفيع صاحب، زمان صاحب، منظور احمد چودري صاحب، مبشر احمد صاحب (۽ حبيب بيئنڪ جي انتظاميا ۽ پي ٽي آءِ جي اعلي قيادت به). ان ڪري جو جيئن جيئن اليڪشن ويجهي ايندي ويندي تيئن تيئن هڪ ڳالھ ضرور زور وٺندي ته نون ليگ جا ڪيس آجا ٿيندا ويندا يا پي پي وارن تي به هٿ هلڪو رکندا باقي پي ٽي آءِ وارن جي نون ليگ ۽ پي پي سان بي سبب ۽ اجايي دشمني جي نتيجي ۾ نون ليگ اڃان به ڪات ڪهاڙا تيز ڪندي ان ڪري ته جنگ شروع عمران خان جي ٿيل آ پر ختم نون ليگ وارا ئي ڪندا جنهن ۾ پي ٽي آءِ وارن وٽ ٻه رستا آهن هڪ ته جيل کان پهرين ملڪ مان فرار ٿين يا جيل ڪاڏي وري ڊيل ڪري ملڪ ڇڏي وڃن ان کان علاوه ٻي ڪا صورت ناهي يا ڪيسن کي منهن ڏين ان ڪري ته نون ليگ جي مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جا ڪيس مضبوط آهن معني پي ٽي آءِ وارا آساني سان قانون جي ڪٽهڙي ۾ ڦاسي سگهن ٿا، ان ڪري جو انهن وٽ ڪيسن جا پڪا ثبوت آهن يا ائين ناهي ته رڳو ايون فيلڊ جي ڳالھ تي سندو ٻڌي بيهجي ان ڪري جو رڳو ان ڳالھ جو پڇڻ روا يا جائز ناهي ته توهان (نون ليگ) ايون فيلڊ جا پئيسا ڪيڏانهن آندا جو اهو 7 ملين پائونڊ جو فليٽ ورتو، پر سچ يا زميني حقيقت اها به آهي ته جنهن ماڻهوءَ جون سعوديءَ ۾ اسٽيل ملون هجن، جنهن ماڻهو جون پنجاب جي اندر اڌ درجن شگرملون هجن يا جيڪو انگلينڊ ۾ ڪاروبار ڪندو هجي اهو ايون فيلڊ ۾ هڪ فليٽ به نه ٿو وٺي سگهي پر ڳالھ ائين ڪجي هان ته اهي ثبوت هٿ ۾ ڪري نون ليگ جي قيادت جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهجن هان ته ڳالھ مڃي به سگهجي هان، رڳو اها پڇا ڪرڻ صحيح ناهي ته توهان پئيسا ڪاڏهون آندا، بهرحال. جڏهن ته ڪراچي ۾ جيڪا آيف آءِ آر داخل ٿيل آ ان جي مطابق ابراج گروپ ان فارين فنڊنگ جو مک ڪردار آ، ۽ ان اهي سڀ پئيسا فارين ٽيليفونڪ ٽرانسفر ڪمپنيءَ جي اڪائونٽ مان ابراج گروپ انويسٽمينٽ ميجينجمينٽ لميٽڊ، امان فائونڊيشن، گري ميڪنڊائيز هولڊنگ، سلور لائين هولڊنگ ۽ اسٽريزيا اي ٽي ايف امان جي اڪائونٽن ۾ پئي جمع ڪرائيندو رهيو، ۽ تيستائين اهي پئيسا پي ٽي آءِ جي ڪنهن به اڳواڻ جي اڪائونٽ ۾ نه آيا يا تيستائين پي ٽي آءِ وارن پاڻ کي انهن اڪائونٽن کان پري رکيو، ۽ ان ڳالھ جي وضاحت پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ يونس علي رضا پاڻ پيش ڪئي يا ذاتي طور تي ڏني، جڏهن ايف آءِ اي جي سرڪل ايف آءِ آر جي دوران پي ٽي آءِ وارن کان وضاحت طلب ڪئي، يا جڏهن 56292500 روپيا ووٽن ڪرڪيٽ لمٽيڊ جي اڪائونٽ مان طارق شفيع جي اڪائونٽ ۾ آيا تڏهن به يونس علي رضا رڳو ڪائونٽر سگنيچر ڪري وري به پاسي تي رهيو ۽ ووٽن ڪرڪيٽ لميٽڊ جي اڪائونٽ مان 36000000 ۽ 25000000 روپيا جڏهن آيا تڏهن هي به بي خبر هيو، جنهن جي خبر رڳو سردار اظهر طارق خان، عامر محمود ڪياني ۽ سيف الله نيازي کي هئي، پر هاڻي ته ان سڄي وارتا ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ 31 آڪٽوبر تائين ضمانت تي آهن ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت تي وري ان ساڳي ايف آءِ آر تحت لڳي ٿو ڪاراوئي ممڪن ٿيندي، ان ڪري ايف آءِ اي اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي سرڪل وارا فارين فنڊنگ ڪيس جي تھ تائين پڄي ساهي پٽيندا.
