چيني ڊاڪٽرز تي حملي جو ماسٽر مائينڊ گرفتار، ٻين دھشتگردن جو  به اھڙو حشر ٿيندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (بيورو) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ چيني ڊاڪٽرز جي ڊينٽل ڪلينڪ تي حملي ڪيس جو مک جوابدار گرفتار ڪرڻ جِي دعويٰ ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار وقار خشڪ جو تعلق سنڌو ديش پيپلز آرمي سان آهي. جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري ورتو آهي، مارجي ويل چيني شهريءَ جي دهشتگردن سان ڪا به دشمني نه هئي. شرجيل ميمڻ دهشتگرد هڪ خاص ايجنڊا تحت چيني شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن، پرڏيهه ۾ ويٺل اصغر شاهه ۽ شفيع پاران دهشتگردن کي چيني ڊاڪٽرز تي حملي جو ٽاسڪ ڏنو ويو. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته گرفتار ڪيل دهشتگرد وقار خشڪ اصغر شاهه ۽ سهولتڪار ذوالفقار خاصخيلي سان لاڳيتو رابطي ۾ هو، فون ڪالز ٽريس ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو، ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث دهشتگردن ۽ ٽولن کي نه ڇڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں