ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: گل محمد کوسو)ڪنڌڪوٽ ايس ٽي پي پاران ڪنڌڪوٽ ۾ مشھور ڊاڪٽر سريش آنند ڀوڄواڻي جي لکين روپين جي چوري،اغوا ٿي ويل محمد بخش لاشاري جي بازيابي لاءِ ڪارڪنن اڳواڻن جھنڊا،بينر کڻي اڪرم باجڪاڻي،رحمدل لاشاري،جيوڻ سبزوئي، ظفرشير ڀيو،عصمت الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري گھنٽاگھر کان ڊي سي آفيس تائين امن ڏيو،چوري،ڦر ڌاڙا،اغوا وارداتون ختم ڪيو جا نعرا ھنيا ويا.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 16 ڏينھن اڳ ڪشمور مان اغوا ٿيل تنگواڻي واسي محمد بخش لاشاري کي پوليس اڃا تائين بازياب نه ڪرائي سگھي آھي ۽ ڪنڌڪوٽ شھر مان مشھور ڊاڪٽر سريش آنند جي لکين روپين جي چوري پوليس واپس نه ڪرائي سگھي آھي جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڏوھارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري چوري،ڦر.اغوا،ڌاڙي جون وارداتون ختم ڪرائي امن قائم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.
