اسلام آباد (بيورو) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته بندش پيل تحريڪ طالبان پاڪستان ( ٽي ٽي پي ) جي معاملي تي اڃا تائين ڪجهه طئي ناهي ٿيو. اسلام آباد ۾ وفاقي وزير خواجه آصف، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مصدق ملڪ ۽ عطا الله تارڙ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا جو غلط استعمال ۽ ڪوڙين خبرون هن وقت سڀني جو مسئلو آهي، ميڊيا هڪ حقيقت آهي پر ان جو دارومدار ان تي آهي ان کي استعمال ڪيئن ڪجي. ميڊيا موسمياتي تبديلي جي آگاهي سميت ڪيئي اهم معاملن ۾ ڪارائتي آهي. سوات ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جي موجودگي جي حوالي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته سوات جي صورتحال بنيادي طور تي اتان جي حڪومت جي ناڪامي آهي، وفاقي حڪومت سدائين سندن مدد ۽ کين سهولتون فراهم ڪيون آهن، اميد آهي ته صورتحال تي ظابطو آندو ويندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، ائين ئي پاڪستان جي امن لاءِ پڻ افغانستان جي اهيمت آهي، گذريل ٽن مهينن دوران اسان ڪيئي فوجي جوانن جون قربانيون ڏئي چڪا آهيون، ٽن ڏهاڪن کان سيڪيورٽي فورسز فرنٽ لائين تي وڙهي رهيون آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته ٽي ٽي پي واري معاملي تي اڃا تائين ڪجهه طئي ناهي ٿيو، سڪيورٽي معاملي ۾ سياسي بحث نه ٿيڻ گهرجي، فوج پاڻ چئي رهي آهي ته اسان نيوٽرل آهيون، جيڪڏهن ڪير چئي ته کين نيوٽرل نه رهڻ گهرجي ته ان جو علاج وقت ئي ڪندو، نيوٽريلٽي کي دنيا ۾ تمام گهڻي عزت ڏني ويندي آهي. آرمي چيف جي مقرري بابت ڳالهائيندي خواجا آصف چيوته ڪير ڪجهه به چوي سپهه سالار جي مقرري آئين پٽاندڙ ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ بچاءُ واري وزير جو چوڻ هو ته مودي سرڪار ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو سڀني جي سامهون آهي، ايران ۾ مظاهرا ايران جي اندروني مسئلو آهي، بنيادي حقن جي عزت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي چئنل ايراني بابت ڳالهيون ته ڪري رهيا آهن پر ڪشمير جي صورتحال سڄي دنيا جي آڏو هئڻ باوجود ڀارتي ٽي وي چئنل خاموش آهن.
