ڪراچي (بيورو) آمريڪي صدر جي تڪراري بيان بابت سوال تي ردعمل ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ غير رسمي تقريب ۾ آمريڪي صدر ڪيئي ملڪن بابت ڳالهايو جنهن ۾ پاڪستان بابت پڻ گفتگو ڪئي وئي وئي. سندس چوڻ هو ته آمريڪي صدر جي بيان جي حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهه ٻول ٿي آهي، صدر بائيڊن جي بيان بابت آمريڪي سفير کي طلب ڪري ڊي مارش ڪيو ويندو . پرڏيهي وزير چوي ته آمريڪي صدر جو بيان حيرت جوڳو آهي پر پاڪستان پنهنجي سلامتي جي بقا لاءِ پرعزم آهي، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي ايٽمي هٿيارن بابت سوال اُٿڻ گهرجي ته اهو ڀارت آهي، اسان جي پرڏيهي پاليسي جو رخ درست آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جا ايٽمي اثاثا عالمي قانون پٽاندڙ آهن، آمريڪي سفير کي ڊي مارش ڏيڻ لاءِ پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويندو، آمريڪي سفير کي ان پوزيشن تي وضاحت پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويندو، يقين رکون ٿا ته ان بيان سان پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي ناڪاري اثر نه پوندا.
