اسلام آباد (م ڊ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي. ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽس جي الزام ۾ گرفتار سينيٽر اعظم سواتي جو ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ ۽ علي بخاري پنهنجي موڪل سان ملاقات ڪئي. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي اعظم سواتي جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن تي جج پڇاڻو ڪيو ته هن ڪيس جي فائيل ڪٿي آهي؟ ايف آءِ اي اختيارين ڪيس جي فائيل جج حوالي ڪئي. اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت کي ٻڌايو ته اعظم سواتي جي گڏيل اڪائونٽ مان ٽوئٽ ڪيو ويو. پيڪا جي سيڪشن 2 تحت ڪيس داخل ٿيو. گڏيل اڪائونٽ مان چڙ ڏياريندڙ ۽ توهين جوڳا لفظ استعمال ڪيا ويا. ٽوئيٽر جي اڪائونٽ مان ٽوئيٽ ثابت ٿيل آهي. رضوان عباسي چيو ته صرف هي هڪ ٽوئيٽ نه آهي. اعظم سواتي جي اڪائونٽ مان اڳ به اهڙا ٽوئيٽ ٿيندا رهيا آهن. اعظم سواتي جي اڪائونٽ ۾ ڊگهي وقت کان منظم ٽوئيٽس ٿيڻ جو رڪارڊ موجود آهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته اسان کي اڃان پاس ورڊ ريڪور ڪرڻو آهي. اعظم سواتي جاچ دوران تعاون ناهي ڪري رهيو. رضوان عباسي اعظم سواتي جي جسماني ريمانڊ ۾ 8 ڏينهن جي واڌ جي استدعا ڪندي چيو ته عدالت 15 ڏينهن تائين جسماني ريمانڊ ڏئي سگهي ٿي. جوابدار جي حق ۾ رڪارڊ تي ڪجهه آيو ته اهو به عدالت ۾ پيش ڪنداسين. اعظم سواتي جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته اعظم سواتي ٽوئيٽ ڪيو آهي اسان ان کي مڃون ٿا پر ڪهڙن ماڻهن ڪنهن ڪنهن جي باري ۾ ڇا چيو اهو به مان ٻڌائيندس. عدالت ٻڌڻي دوران پڇيو ته ڇا اهو موبائيل مليو آهي جنهن مان ٽوئيٽ ٿي جنهن تي اعظم سواتي چيو ته مان اهو موبائيل گهر ٻاهران اڇلي ڇڏيو هو ان ۾ منهنجي گهر ڀاتين جون تصويرون هيون. جڏهن مان مڃي رهيو اهيان ته ٽوئيٽ مون ڪيو آهي ته پوءِ اڃان وڌيڪ هنن کي ڇا گهرجي. جنهن کان پوءِ عدالت اعظم سواتي جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا منظور ڪندي تحريڪ انصاف سينيٽر جو هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.
