تلهار ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

تلهار( ن س ) تلهار جي ڳوٺ مياڻ ملاح جي رهواسين پاران سندن گهرن اڳيان پوليس پاران ڪيبن ۽ دڪان تي ڪاھ ڪرڻ ۽ بااثرن پاران پوليس ذريعي عورتن تي تشدد ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي مسمات صُغرا ملاح ،ساجدہ ملاح ،اجت ملاح،محمد جمن ملاح ۽ معشوق ملاح  صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته بااثر مشتاق شاہ ،علي ڏنو شاھ ۽ ٻين پوليس وٺي اسان جو  دڪان جيڪو سرڪاري روڊ جي ڀرسان آهي انهي تي  ڪاھ  ڪري اسان کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هي دڪان هتان پٽي وڃو اسان غريب مسڪين ماڻهون آهيون هتي 15 کان 20 سالن کان ويٺل آهيون غربت هئڻ سبب سرڪاري روڊ جي ڀرسان هڪ پنچر جو دڪان ٺاهيو آهي گذر سفر ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو گذر سفر ڪيون ٿا غريب آهيون ڪيڏانهن وينداسين هنن پوليس ۽ بااثرن تي الزام هنيو آهي ته اسان جي عورتن تي تشدد ڪيو ويو آهي سندن ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪيا ويا آهن هنن سيشن جج بدين ۽ ايس ايس پي بدين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں