حيدرآباد ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو صحافي عرفان عالماڻي جي گهر تي حملي خلاف احتجاج

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي نوجوان صحافي متحرڪ سماجي اڳواڻ عرفان عالماڻي جي گھر تي حملي خلاف ۽ عرفان عالماڻي سميت سندس رشتيدارن تي داخل ٿيل ڪوڙي ايف آءِ آر خلاف اڄ پريس ڪلب حيدرآباد آڏو جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر ڪامريڊ پنھل ساريو جي اڳواڻيء ۾ احتجاج ڪيو ويو احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن صحافين شاگردن اديبن شرڪت ڪئي جنھن ۾ سنڌ جي ناليواري اديب ذولفقار ھاليپوٽو قومپرست دانشور استاد خالد چانڊيو جسقم حيدرآباد جي صدر لياقت ملاح جسقم مٽاري جي صدر رشيد ڏيٿو  شھيد ڀٽو جي اڳواڻ ارشاد خاصخيلي ،سينيئر صحافي اصغر کانوٽي سماجي اڳواڻ جبار ڀٽي ،سينيئر صحافي اسد منڱريو ، سينيئر صحافي جبار ڪابورو ،علي منڱريو ، نوجوان صحافي فرحان منڱريو، عابد عباسي ،نوجوان صحافي محمد حسن چانڊيو فيض ٽي وي ھالا جي نوجوان صحافي اشفاق بليدي شھيد بلال ڪاڪا يادگار ڪميٽي جي اڳواڻ ملڪ عمران ،سائين اصغر ملاڻو پي آر ايس ايف جي اڳواڻ دريا خان چانڊيو پروگريسو يوٿ الائينس جي اڳواڻ سرمد سيال عبيد سيال  اسد پنھور فقير شبير لغاري رياض جمالي شاھجان ملاح سارنگ سومرو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن سماجي اڳواڻن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي اڳواڻن ميڊيا آڏو مطالبو ڪيو آھي ت عرفان عالماڻي ۽ سندس رشتيدارن مٿان داخل ٿيل ڪوڙي ايف آء آر ختم ڪئي وڃي جڏھن ت جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين مطالبو ڪيو آھي ت عرفان عالماڻي جي گھر تي حملو ڪندڙ منشيات فروش لوفرن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي انھن وڌيڪ چيو ت اسين اڄ عرفان عالماڻي سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪنداسين جنھن کانپوء ميڊيا آڏو سموري حڪمت عملي واضح ڪئي ويندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ت منشيات فروشن کي شايد اھا ڀل آھي ت بشير خان جا عاشق سنڌ جا قومي ڪارڪن اڪيلا آھن سڄي سنڌ ان  عرفان عالماڻي سان گڏ آھي جنھن ڏينھن رات ڏکئي وقت ۾ ٻوڏ متاثرين جي ھر ممڪن مدد ڪئي نياڻين کي اسپتالن ۾ ٽريٽمينڊ ڪرائي مختلف پروگرام آرگنائيز ڪري معصوم ٻارڙن جي منھن تي مرڪون وکيريون ۽ پنھنجا گھر ڇڏي ڪئمپن ۾ رھڻ تي مجبور ٿي ويندڙ ماروئڙن جون تمام ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں