دولتپورصفن(ن س) دولتپورصفن شهر واسي رياض علي پيرزادي کي پوليس ۽ حساس ادارن پاران کيس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو ، اهڙي عمل خلاف رياض علي پيرزادي جي وارثن ، شهرين جسقم اڳواڻن پاران دولتپورصفن جي مين بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي مختلف چوڪن کان ٿيندي دولتپورصفن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ان موقعي تي اياز پيرزادو ، جسقم اڳواڻ نذير ڏاهري ، زبير پيرزادو ، فقير حڪيم لاکو، عيسيٰ ڏاهري ، ذاهد پريو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيوتہ رياض علي پيرزادو کي دولتپورصفن پوليس ۽ رياستي ادارن بيگناھ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته رياض علي پيرزادو مٿان ڪنهن بہ قسم جو ڪوبہ ڪيس داخل ٿيل نہ آهي جيڪڏهن ڪنهن ڏوھ ۾ آهي تہ کيس عدالت ۾ پيش ڪجي ، هنن وڌيڪ چيوتہ رياض علي پيرزادي جو ڪنهن به سياسي جماعت يا پارٽيءَ سان ڪو به واسطو نه آهي، ڪجھ ٽائم اڳ ۾ هن جو ڪنهن قومپرست تنظيم سان تعلق هيو پر پريس ڪانفرنس ڪري لاتعلقي ڪري هڪ پاڪستاني شهري ناتي پنهنجي ذاتي زمين ۽ شهر ۾ ڪاروبار ڪندو آهي ، اسان رياض علي پيرزاده جي بلاجواز گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ، هنن آرمي چيف ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ، عالمي ادارن جي انسان تنظيمن ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد. ايس ايس پي نواب شاهه ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي انڪوائري ڪري صاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ناحق گرفتار ڪيل هڪ پاڪستاني شهري رياض علي پيرزادو کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن مٿس ڪو به ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
