سجاول (ڊ ر) ميرپور بٺورو شهر ۾ 6 سال اڳ پ پ ۽ ايس ٽي پي اڳواڻن ۾ تڪرار دوران فائرنگ ۾ ٽن ڄڻن جي قتل ٿيڻ وارو معامرو، ماڊل ڪورٽ ٺٽو جي عدالت ٻنهي ڌرين جي ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ڪيس ۾ نامزد ٻنهي ڌرين جي سمورن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو۔ 6 سال 5 مهينا اڳ 20 مئي 2016ع ۾ سجاول ضلعي جي شهر ميرپور بٺور ۾ ايس ٽي پي ۽ پ پ جي اڳواڻن وچ ۾ معمولي ڳالهہ تان ڇڪتاڻ ٿي پئي هئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين پاران سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ سيد محبوب عالم شاھ ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر شمس شورو ۽ سندس ننڍو ڀاء شھزاد شورو ٿڏي تي مارجي ويا هئا۔ ٻنهي ڌرين جي وارثن جي فرياد تي ڄاڻايل ٽن ڄڻن جي قتل جا جدا جدا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا جنهن جي گذريل ڏينهن فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪورٽ ٺٽو محمد اسلم شيخ جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ٻنهي ڌرين پاران قتل ڪيسن ۾ نامزد ڪيل جوابدارن هڪ ڌر جي محمود عالم شاھ جي قتل ڪيس ۾ نامزد مقتول ڊاڪٽر شمس شورو جي ڀائرن پ پ اڳواڻن سجاد علي شورو، جاويد شورو، جنيد شورو ۽ فياض کڏو ۽ ٻي ڌر جي ڊاڪٽر شمس شورو ۽ شھزاد شورو جي قتل ڪيس ۾ نامزد مقتول محمود عالم شاھ جو ڀاء ايس ٽي پي اڳواڻ جلال شاھ، رخسار شاھ، ممتاز شاھ، زين شاھ ۽ افسر شاھ عرف جوجي شاھ تي ڏوھ جون ثابتيون نہ ٿيڻ ڪري عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ نامزد ڌرين جي سڀني جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو۔
