سنڌ ۾ نوڪريون نه ڏئي سگهيا آهيون، چونڊن کانپوءِ ميرٽ تي ڏينداسين: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير اعتراف ڪيو آھي تھ سنڌ ۾ نوڪريون نه ڏئي سگهيا آهيون، چونڊن کانپوءِ ميرٽ تي نوڪريون  ڏينداسين. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مختلف علائقن جو دورو ڪيو جڏهن ته لياري ۾ تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪيائين. لياري ۾ سماجي تنظيم جي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته لياري ۾ هميشا اسان سهولتون ڏيندا رهيا آهيون جڏهن ته ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. وڏي وزير اعتراف ڪيو ته هو سنڌ ۾ نوڪريون نه ڏئي سگهيا آهن، سندس چوڻ هو ته اليڪشن کانپوءِ ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته لياريءَ جي ميرٽ سڀني کان مٿي آهي، سنڌ ۾ ڪيترن ئي ڊاڪٽرز کي نوڪريون نه ڪرڻ تي فارغ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد شاهه موجب سرڪاري اسپتالن اندر اڃا به ڊاڪٽرز جي کوٽ آهي، جلد اھو مسئلو بھ حل ڪيو ويندو. ٻئي پاسي عمران خان تي تنقيد ڪندي سندس چوڻ هو ته پهريان عمران خان کي ڪٺپتلي چيو ويندو هو پر هاڻي هو پاڻ کي ڪٺپتلي چئي رهيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي ڏينهن جي شروعات شهر ۾ تازين برساتن سبب تباهه ٿيل مختلف روڊن، ڊرينيج سسٽم ۽ برساتي نالن جي مرمت ۽ سار سنڀال جي ڪمن جو جائزو وٺندي ڪيو، جنهن تي 1.25 ارب رپيا لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي مختلف روڊن جي پيچ ورڪ، ڊرينيج ۽ اسٽرم ڊرين جا 25 ڪم 16 سيپٽمبر کان شروع ڪيا ويا جن کي 45 ڏينهن اندر مڪمل ڪيو ويندو. انھيءَکان پھرين سنڌ جي وڏي وزير مڪاني ادارن واري وزير کي چيو تھ مون کي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻو آھي تنهن ڪري مان اڄ انهن ڪمن جو سرپرائز دورو ڪرڻ چاهيان ٿو. وڏي وزير سندس ڪابينا جي ميمبرن ليبر صوبائي وزير سعيد غني، مڪاني ادارن واري وزير ناصر حيسن شاهه، اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، خاص مددگار وقار مهدي ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ نجم شاهه پڻ ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي شاھراھھ لياقت ۾ ٿيل روڊن جي مرمت ۽ برساتي نالن جي بحالي، مرمت ۽ برساتي نالن جي هلندڙ ڪمن جو جائزو ورتو ويو. مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪي ايم سي 230 ملين رپين سان ڪم شروع ڪيو آهي جيڪو مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته نالن جي صفائي سان گڏ 2.5 ڪلوميٽر جي ھڪ حصي جي ٻيهر تعمير ڪئي پئي وڃي، جنھن جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ان کان پوءِ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي گاڏي هلائي چاڪيواڙي پهتو، جتي وڏي انگ ۾ شهرين وڏي وزير جي اچڻ تي جيئي ڀٽو جا نعرا هنيا. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي ٻڌايو ته لياري چاڪيواڙي روڊ جي بحالي واري اسڪيم 22 فيبروري 2022ع تي شروع ڪئي وئي هئي ۽ اها 23 جون 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندي. اها اسڪيم ڪراچي ميگا پروجيڪٽ تحت شروع ڪئي وئي آهي. وڏي وزير جي لياري ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي دفتر پهچڻ تي ڪارڪنن جي وڏي انگ شاندار آجيان ڪئي. وڏي وزير آفيس جو دورو ڪيو جتي پيپلز پارٽي اڳواڻ نبيل گبول سندس ڀليڪار ڪيو. مراد علي شاهه آٺ چوڪ ۽ ڀرپاسن جي روڊن جو پڻ دورو ڪيو، جتي خراب روڊن جي مرمت ۽ بحاليءَ واري ڪم جاري آهي. وڏي وزير جي چوڌاري علائقي جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سيلفي به ورتي. مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري وزير کي هدايت ڪئي ته هو سٺي معيار جي روڊن ۽ اسٽام ڊرين جي تعمير کي يقيني بڻائي ته جيئن برساتي پاڻي جو نيڪال ٿي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں