عمرڪوٽ ۾ ڀيل برادري پاران بااثرن جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ ڀيل برادري جي عورتن مردن ۽ ٻارڙن پاران بااثرن جي ظلم خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. انهي موقعي تي وڪيل لالا ڀيل، رامچند، ويرسي ڀيل ۽ ٻين چيو ته پورهيت ڏانو ڀيل جيڪو ڏگو فارم جو رهواسي آهي جنهن جي ڏگوفارم ۾ زمين جيڪو آباد ڪرڻ چاهي پر ڳوٺ جا با اثر زميندار زمين آباد نٿا ڪرڻ ڏين. هنن وڌيڪ چيو ته زمين بابت عمرڪوٽ جي مقامي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي، جڏهن ته هن مهل بااثرن جي چرچ تي مختلف ٿاڻن تي چوري سميت ٻين قسمن جا ڪيس داخل ڪري کيس هراسان ڪيو پيو وڃي. اسان وزيراعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي عمرڪوٽ کي اپيل ڪيون ٿا ته معاملي جي اڻڌري جانچ ڪرائي ڏانو ڀيل سان انصاف ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں