يوڪرين جنگ ۽ عالمي صورتحال جو جائزو

محمد يوسف ڀٽو
ھي مضمون گذريل مضمون ”روس يوڪرين جنگ ۽ سواليه نشان بڻيل عالمي امن“ جي تسلسل ۾ لکيل آھي.
گذريل مضمون ۾ اسان ذڪر ڪيو ھو ته يوڪرين جنھن جي فوج جو انگ محض 2 لک آھي ۽ آمريڪا، يورپ پلس نيٽو جي پٺڀرائي تي روس سان پنھنجا معاملا خراب ڪري ويٺو. ھتي اھا وضاحت به ضروري آھي روس دنيا جو اھو ملڪ آھي جيڪو پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ آھي. روس جي پکيڙ جو اندازو ان ڳالھ مان لڳايو جو ھن ملڪ ۾ يارھن Time zones آھن. واضح رھي ته روس جي فوج 9 لک آھي جڏھن ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ائٽمي اسحو به ان وٽ آھي. روس بعد آمريڪا وٽ سڀ کان وڌيڪ ائٽمي اسلحو آھي. عالمي سطح تي امن تي تحقيق ڪرڻ واري سوئيڊن جي اداري اسٽاڪ ھوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (سِپرا) موجب ”دنيا جو 90 سيڪڙو ائٽمي اسلحو ھنن ٻن ملڪن وٽ آھي“ ڳڻتي جوڳي ڳالھ اھا ھنن ڏينھن ته انھن ٻنھي ملڪن جا تعلقات گھڻا خراب ۽ ڇڪتاڻ وارا رھيا آھن، سو ھنن ملڪن ۾ سڌو ٽڪراء دنيا جي تباھي برابر ھوندو. ائين به ناھي ته رڳو يوڪرين واري معاملي سبب دنيا ۾ امن جو پکي زخمي ٿيو آھي پر اوڀر ايشيا ۾ آمريڪي سامراج پاران اتر ڪوريا ۽ چين کي Counter ڪرڻ لاء اڳرائي جي ارادن کان ويندي نام نھاد يھودي رياست اسرائيل پاران وچ اوڀر ۾ فلسطيني گھرن کي مسمار ڪري غيرقانوني يھودي وسندين جي اڏاوت، انڊيا ۾ اقليتن تي بي جي پي جي حڪومت پاران ظلمن جو اڻ کُٽ سلسلو به عالمي امن لاء سخت ھاڃيڪار ثابت ٿيو آھي. فلسطين جي 90 سيڪڙو علائقي ۽ اُتان جي 80 سيڪڙو پاڻي جي نئين سر چشمن تي قابض ٿي ويل اسرائيل، دنيا جھان جو اسلحو گڏ ڪري به سخت بيچيني ۾ رھي ٿو، جو ھو وري به ھر طرف کان عرب ملڪن جي گھيري ۾ آھي. حزب ﷲ ۽ حماس سبب ان جا الڳ سُک ڦٽل آھن. يمن مسئلو به سنگين انساني الميي کي جنم ڏئي رھيو آھي. خير، اسين پنھنجي اصل موضوع يوڪرين تي واپس ايندي اھا ٿوري وضاحت به ڪندا ھلون ته گذريل ڪالم ۾ اسان ذڪر ڪيو ھو يوڪرين دنيا جو زرخيز ترين ملڪ آھي يورپ ۾ ھن کي کاڌي جي ٽوڪري Food Basket Of Europe چيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي ٿالھي ۾ سئو مانين مان نَوَ مانيون يوڪرين جون ھونديون آھن سبب ھي آھي ته يوڪرين ۾ ڪڻڪ وڏي پيماني تي ٿئي ٿي، خود روس م به اوڏي پيماني تي ڪڻڪ ٿئي ٿي. يعني روس ۽ يوڪرين گڏيل طور تي دنيا ۾ 30 سيڪڙو ڪڻڪ پيدا ڪن ٿا. يعني ھنن ٻنھي ملڪن ۾ جنگ دنيا ۾ غذائي کوٽ جو پيدا ٿي گڏيل قومن اڳ ۾ ئي وڏي ”عالمي بک جي بحران“ جي وارننگ ڏئي چڪيون آھن. روسي حملي کان پوء وڌندڙ مھانگائي ۽ توانائي جي کوٽ جي سبب مغربي ملڪن کي سخت حالتن کي Face ڪرڻو پئجي رھيو آھي. واضح رھي ته يورپ جي 40 سيڪڙو گئس ۽ 26 سيڪڙو تيل جي ضرورت اڃان به روس پوري ڪري رھيو آھي. روس انھن کان Payment پنھنجي ڪرنسي روبيل ۾ وٺي پيو. جنھن عمل آمريڪي ڊالر جي اجاراداري کي چيلينج ڪيو آھي پر يورپ آمريڪا جي ڏَسيل رستي تي ھلندي روس جو ھر معاملي ۾ بائيڪاٽ ڪري رھيو آھي. خيال ڪيو پيو وڃي ته آمريڪا يورپ کي پنھنجي گئس ۽ تيل وڪرو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو پر يورپ ان ٻڏتر ۾ به آھي ته آمريڪي تيل ۽ گئس کيس گھڻي مھانگي پوندي سا به جلد ملڻ واري ناھي. سو اگر ايندڙ سردين ۾ روس گئس جي بندش ڪئي ته يورپ ڪيڏانھن ٿو وڃي؟ عالمي ميڊيا ھن سال مئي جي شروعاتي ڏينھن ۾ خدشو ڏيکاري چڪي آھي ته اگر يورپ کي روسي تيل، گئس نه ملي ته يورپ ٽٽي ويندو. آمريڪا ۽ يورپ روس تي پابندين ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي پر عالمي ميڊيا موجب روس، پنھنجو تيل، گئس ۽ Military Hardwares وڪرو ڪرڻ ۽ موٽ ۾ پنھنجي ڪرنسي روبل ۾ payment طلب ڪرڻ جي ڪري روبل جي قدر ۾ اضافو ٿي رھيو آھي. اپريل بعد روسي ڪرنسي روبل، ڊالر ۽ يورو کي ٽڪر ڏئي رھي آھي. روبل 2 سالن جي ھاء ليول تي پھچي ويو. روبل جي پوزيشن مضبوط ٿيڻ تي دنيا حيران آھي. روس ۽ نيٽو ۾ وڌندڙ عداوتن جا جيڪي سبب آھن تن ۾ ھڪ سبب ھي به آھي ته روس ان ڳالھ تي به چڙيل آھي ته 90ع واري ڏھاڪي ۾ آمريڪا ۽ نيٽو سان ٿيل معاھدي جي نيٽو پاران خلاف ورزي ٿي رھي آھي ته ھو نيٽو کي روس جي سرحدن ۽ آسپاس جي ملڪن تائين توسيع نه ڏيندا يعني روس جي پاڙيسري ملڪن کي نيٽو اتحاد ميمبر نه بڻائيندو پر يوڪرين معاملي ۾ نيٽو خلاف ورزي ڪئي. ان کي ٽريننگ ڏيڻ ۽ اتي ھٿيار ذخيرا ڪرڻ روس دشمني ته ھئي پر امن دشمني به چئي سگھجي ٿي. ھوڏانھن ڪجھ مھينا اڳ روس جا پاڙيسري ملڪ سوئيڊن ۽ فن لينڊ نيٽو ۾ شامل ٿيڻ جا اعلان ڪري چڪا آھن ۽ نيٽو اجلاسن ۾ شرڪت به ڪري چڪا آھن. نيٽو انھن جي آجيان ڪئي آھي پر نيٽو جو ميمبر ٿيڻ لاء انھن کي ھڪ ڊگھي Process مان گذرڻو پوندو. جنھن لاء انھن کي طويل انتظار ڪرڻو پوندو. روس مذڪوره ٻنھي ملڪن يعني سوئيڊن ۽ فن لينڊ کي چتاء به ڏنو پر ھو نيٽو ۾ وڃڻ لاء بضد رھيا. اطلاع آھن ته روس انھن ٻنھي ملڪن جي سرحدن تي اسڪندر ميزائل ۽ ٻيا خطرناڪ ڏور مار بيلسٽڪ ميزائل تعينات ڪري ڇڏيا آھن. روس پنھنجو ايئر ڊفينس سسٽم ۽ ائٽمي اسلحو پنھنجي اتحادي ملڪ بيلا روس ۾ پھچائي ڇڏيو آھي جتان جنگ جي صورت ۾ پولينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن کي آساني سان Target ڪري سگھندو. اسان پھرين ئي ذڪر ڪيو ھو ته عالمي حالتون ان نھج تي پھچي چڪيون آھن جو ڪنھن به گھڙي ڪجھ به ممڪن آھي. حالتون ڏينھن ۾ نه پر ڪلاڪن ۾ تبديل ٿين پيون. اندازو ان مان لڳايو جو روسي صدر ته ھڪ ھنڌ تي ايستائين به چئي چڪو آھي ته ”ان دنيا جو ڪھڙو فائدو جنھن ۾ روس نه ھجي“ يعني روس پنھنجي سلامتي کي خطري ۾ محسوس ڪيو ته نيوڪلير ھٿيار اسعمال ڪندو. روس ۽ چين ٻئي ھائپر سونڪ ميزائل تيار ڪرڻ ۾ مغرب کان ڪافي اڳتي آھن جيڪو آواز جي رفتار کان 5 دفعا تيز ۽ غير متوقع پرواز جي رستي تي پنھنجي حدف ڏانھن سفر ڪري سگھي ٿو بلڪه روسي زرڪون ميزائل ته آواز کان 9 دفعا تيز پرواز ڪري ٿو. روسي Surmat Missile جيڪو آواز کان 11 دفعا تيز آھي ۽ جنھن جو مختصر تفصيل گذريل مضمون ۾ ڏئي چڪا آھيون، روس آمريڪا کي ان ميزائل ذريعي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي به ڏئي چڪو آھي ۽ ھن ميزائل کي آمريڪا جو Patriot Defence System اسرائيل جو Iron Dome ۽ جرمني جو MANTIS Air Defence System به ٽريڪ نه ٿا ڪري سگھن. يعني روسي ميزائلن جو نيٽو وٽ ڪوبه ٽوڙ نه آھي. عالمي ميڊيا ۾ آيل رپورٽ موجب روسي خلائي مرڪز جي چيف تقريبن 2 مھينا اھڙا 50 Surmat Missiles تعينات ڪرڻ جو اعلان به ڪري چڪو آھي. واضح رھي ته روسي حملي جي ڌمڪين بعد ھن سال جولائي ۾ آمريڪي شھر نيويارڪ ۾ ائٽمي حملي کان بچاء جي شھرين کي سکيا به ڏني وئي. روس جو سوويت دؤر ۾ 1979ع ۾ ٺاھيل S-300 Air Defence اڄ به انھن ملڪن جي ڊفينس سسٽم کان ڪئين دفعا بھتر نتيجا ڏيندڙ ليکيو وڃي ٿو پر 90ع جي ڏھاڪي ۾ روس جو S-300 سيريز جو اپگريڊ ڪيل دفاعي نظام S-400 اينٽي بيلسٽڪ ميزائل دفاعي سسٽم جيڪو 2007ع کان باقاعدي Service ۾ آھي، دنيا ۾ بھترين ليکيو وڃي ٿو. برطانيا جي سينٽر فار ايڪانامڪس اينڊ بزنس ريسرچ ( سي اِي بيِ آر) موجب ”في الوقت جي وڌندڙ معاشي ۽ عسڪري اثر و رسوخ جو مقابلو ڪرڻ لاء شڪست کاڌل واشنگٽن نوان عسڪري ۽ اقتصادي الائنس ٺاھڻ جي شدت سان ڪوشش ڪري رھيو آھي، جو جنھن ( چين) جي معيشت 2028ع تائين آمريڪا کان اڳتي نڪرڻ جي توقع آھي“ ان ڪري آمريڪا Indo – Pacific ريجن ۾ The Quadrilateral Security Dialogue between Australia, India, Japan and the United States يعني ڪواڊ جھڙو اتحاد تشڪيل ڏنو آھي. جنھن ۾ آمريڪا چين کي Contain ڪرڻ لاء انڊيا، جاپان ۽ آسٽريليا کي ڪٺو ڪري چڪو آھي. جنھن بابت خيال ڪيو پيو وڃي ته اھو فوجي ۽ اقتصادي نوعيت وغيره جو اتحاد آھي. روس ھن اتحاد کي ايشيا جو نيٽو قرار ڏئي آمريڪا مخالف ملڪن کي ھوشيار ڪري چڪو آھي. مستقبل قريب ۾ اھا ڳالھ به ڏسڻ جوڳي آھي ته زياده تر يورپي ملڪ جيڪي روسي گئس تي انحصار ڪن ٿا سي ڪھڙن چيلنجز کي منھن ڏيندا؟ ڇو ته جنگ سبب نيٽو روسي گئس جي خريداري گھٽ کان گھٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته ٻئي طرف روس به ھن گئس کي يورپ تي دٻاء وجھڻ لاء ھڪ ھٿيار جي طور تي استعمال ڪري رھيو آھي. روس طرفان جرمني کي گئس سپلائي ۾ ڪمي جا اطلاع به آيا يعني ان جو پھريون اثر جرمني تي پيو آھي. جنھن کي گئس جي ڪمي کي منھن ڏيڻو پيو پوي. جرمني ۾ صنعتن لاء مسئلا پيدا پيا ٿين. ماڻھن کي گئس جو بنھ گھٽ استعمال ڪرڻ بابت ترغيب ڏني پئي وڃي. اسان جي خيال ۾ يورپ، روس تيل ۽ گئس جو بائيڪاٽ ڪري ايندڙ سردين ۾ ڏچي م اچي ويندو ۽ گھڻي دير اھو بائيڪاٽ Afford نه ڪري سگھندو. آمريڪا انھن کي وڙھندو ڏسي پَريان ويھي ”نيرو وانگر بانسري ئي وڄائيندو.“ توھان آمريڪا جو مزاج ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ ڏسو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته آمريڪا ان جنگ ۾ سڌو شريڪ نه ٿيو. ھن يورپ کي ھٿيار ۽ غذائي شيون وڪڻي خوب ناڻو پي ڪمايو ۽ جڏھن سڀئي ملڪ وڙھي تباھيون ڪري ٿڪا ته جاپان پاران پرل ھاربر واري آمريڪي بندرگاھ تي حملي جو جواز ملندي ئي آمريڪا ائٽمي ھٿيار استعمال ڪري فاتح بڻجي دنيا جو لٺ سردار ٿي ويھي رھيو. ھينئر به توھان کي آمريڪا جو ڪردار اھڙو ئي ڏسڻ لاء ملندو. ھوڏانھن خود يورپي يونين ۽ نيٽو ۾ روس جي تيل ۽ گئس جي بائيڪاٽ تي اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. ھنگري اڳ ئي ان معاملي تي يورپ کي جواب ڏئي ڇڪو آھي ۽ خود نيوٽرل حيثيت اختيار ڪري چڪو آھي. سلواڪيه ۽ جمھوريه ڇيڪ ته ھنگري جيان روس جي ويجھو آھن. ڪروشيا جو صدر روسي حامي آھي. جڏھن ته ڪروشيا جو وزيراعظم مغرب کي ترجيح ڏي ٿو. سربيا جا سياستدان روس سان گڏ آھن. تجزيه نگارن روس ـ يوڪرين جھڳڙي کي مغرب لاء وڏو ڌچڪو قرار ڏنو آھي. نيٽو ملڪ روس کي يوڪرين تي ڪاھڻ کان روڪي نه سگھيا ۽ صرف پابندين سواء ڪجھ به نه ڪري سگھيا. البته يوڪرين کي ھٿيارن جي سپلاء تائين محدود آھن. واپار لاءِ مشھور ڪاري سمنڊ تي روس کي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ کان روڪڻ م به نيٽو ناڪام ٿي. بحيره اسود يا ڪاري سمنڊ تي روسي حاڪميت به نيٽو ملڪن کي ڪنڊو ٿي لڳي رھي آھي. مغربي ملڪن جي اتحاد نيٽو پاران روس سان سڌي ٽڪراء کان پاسو ڪيو ويو ۽ انھن ملڪن پاران روس کي پابندين سان جھڪائڻ واري سوچ جي خام خيالي ۽ ناڪامي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي پريشان ڪري رھي آھي. معاشي بحران ۾ مبتلا جوھري ھٿيارن سان ليس آمريڪا، برطانيا ۽ فرانس ھاڻي ان جنگ مان راھِ فرار اختيار ڪرڻ جي چڪر ۾ آھن. يورپي يونين جي سڀ کان وڏي ملڪ جرمني کي روسي گئس جي بندش جو ته خوف ورائي ويو آھي.
yousifbhutto119@gmail.com

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں