پاڪستان دنيا جو خطرناڪ ايٽمي ملڪ آهي، اسلام آباد وٽ ايٽمي هٿيار غير منظم آهن: جو بائيڊن

واشٽنگن (م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان تي دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪ ترين ملڪ جو الزام لڳايو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته سندس خيال ۾ پاڪستان دنيا جي خطرناڪ ملڪن منجهان هڪ آهي، اسلام آباد وٽ ايٽمي هٿيار غير منظم آهن. ڊيموڪريٽڪ ڪانگريشنل ڪيمپين ڪميٽي جي آجياڻي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير دوران پاڪستان کي خطرناڪ ترين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. صدر جوبائيڊن  چيو ته چيني صدر کي خبر آهي ته کين ڇا گهرجي پر انهن سان ڪيئي مسئلا آهن، روس ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ دنيا جي خطرناڪ ايٽمي ملڪن منجهان هڪ پاڪستان ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ آمريڪا کي ڪهڙي نموني انهن سڀني کي ڏسڻو ۽ هنيڊل ڪرڻو آهي اهو اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته گهڻو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان ۾ آمريڪا لاءِ موقعو پڻ آهي ته صورتحال کي تبديل ڪري سگهي. جو بائيڊن اهو خطاب وائيٽ هائوس جي ويب سائيٽ تي شايع ٿيو، جنهن ۾ بائيڊن بابت لکيو ويو ته منهنجي ويجهو شايد دنيا جي خطرناڪ ترين ملڪن مان هڪ، پاڪستان آهي، جنهن وٽ هٿيار غير منظم آهن. هن چيو ته سچ آهي ۽ مان ان تي يقين رکان ٿو، هي مذاق ناهي، دنيا اسان ڏانهن واجهائي رهي آهي، اسان جا دشمن به اسان کي ڏسي رهيا آهن ۽ اندازو لڳائي رهيا آهن ته اسان ڇا ڪريون ٿا، اسان ڪيئن مسئلا حل ڪريون ٿا. بائيڊن وڌيڪ چيو ته هن وقت گهڻو ڪجهه داءُ تي لڳل آهي، هن زور ڏنو ته آمريڪا دنيا کي اهڙي جاءِ تي وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو جيڪا اڳ نه هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں