ڀرياسٽي(ن س) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ عثمان سولنگي ۾ پيار جي پرڻي جي پلاند ۾ اغوا بعد بازياب ڪرايل ٻن ڀينرن پاران تحفظ جو مطالبو ان سلسلي ۾ بازياب ڪرايل ٻن ڀينرن صنم سولنگي ۽ شائلان سولنگي پنھنجي امڙ ۽ گھر ڀاتين سان گڏ ڳوٺ جي با اثرن خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو ته 15 ڏينھن اڳ اسان جي ڀاءُ جاني سولنگي، صدره سولنگي سان ڪراچي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو. ان تان مڇرجي ڳوٺ جي بااثرن مخيتار سولنگي، گل حسن، فريد، آصف سولنگي ، قائم سولنگي ۽ ٻين اسان کي پلاند ۾ اغوا ڪري کڻي ويا جتي اسان مٿان تشدد ڪيو ويو اسان کي پوليس بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو جڏھن ته ھاڻي وري بااثر اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اسان جي گھرن مٿان حملا ڪري رھيا آھن اسان خوف سبب دربدري واري زندگي گذاري رھيا آھيون اسان جي جان کي ڄاڻايل ماڻھن مان سخت خطرو آھي خدشو آھي ته اسان کي قتل ڪيو ويندو ھنن وس وارن ڊي آ۽ جي شھيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته با اثرن مختيار،فريد،گل حسن،آصف ۽ قائم سولنگي کي فورن گرفتار ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
