ڪار واپس نه ٿي ته 17 آڪٽوبر تي ميهڙ انڊس هاءِ تي ڌرڻو هنيو ويندو:سنڌو نواز

ميھڙ(ن س)  سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز گانگھرو، پي ٽي آء اڳواڻ, رائيس ملز ايسوسيئيشن ۽ شھري اتحاد جي چيئرمين نياز علي ٻرڙو، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي،عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ وقار چانڊيو، نوجوان شھري اتحاد اڳواڻ شڪيل عطار ، عمران تيوڻو، پاران گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 18 ڏينھن اڳ ميهڙ مان سماج سڌارڪ سنڌو نواز گانگھرو جي راشن ۽ دوائن سان ڀريل چوري ٿيل ڪار پوليس اڃا تائين واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي جڏھن ته پوليس ڏوھارين سان ٻٽ ھجڻ ڪري شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڦرون ڌاڙا چوريون روز جو معمول بڻيل آھن جنهن ڪري واپارين, دڪاندارن توڙي شھرين سخت پريشان آھن هنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد کان گُھر ڪئي تہ ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني جو فورن نوٽيس وٺي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو جي چوري ٿيل ڪار واپس ڪرائي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ايندڙ 17 آڪٽومبر سومر ڏھاڙي ميھڙ انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھنيو ويندو. سنڌو نواز گانگھرو پاران ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ لاء سماج سڌارڪ شھرين واپارين ۽ سنڌ جي ساڃاھ وندن کي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ساٿ ڏيڻ جي پڻ اپيل ڪئي. ان موقعي تي سياسي سماجي  اڳواڻ حمز علي چانڊيو، عامر عطار ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں