گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ صحت کاتي جي ملازمن پاران گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي پيراميڊيڪل اسٽاف جي مرڪزي صدر اورنگزيب مهر، عُزير خواجا، آفتاب دايو، عثمان گبول، هيبت حسين ملڪ، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ ٻه ڪلاڪ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ اڳيان احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحت کاتي جي ملازمن جو چوڻ هو ته سرڪار صحت کاتي جي ملازمن جو هيلٿ رسڪ الائونس بلا وجه بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب صحت کاتي جي لکين ملازمن جو معاشي قتل عام پيو ٿئي، هنن سرڪار کان فوري طور تي هيلٿ رسڪ الائونس بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، نه ته ٻي صورت ۾ 20 آڪٽوبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻي هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي
