گورنر ڪامران ٽيسوري سان سماجي ڪارڪن صارم برني جي ملاقات

ڪراچي (بيورو)  گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان مشهور سماجي ڪارڪن صارم برني گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سماجي شعبي ۾ اين جي اوز جي اهميت، خدمتن ۽ حڪومت سان وڌيڪ سهڪار وڌائڻ ۽ باهمي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته مختلف شعبن ۾ صارم برني ٽرسٽ جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ان سلسلي ۾ پوڙهن ماڻهن ، بي سهارا ٻارن ۽ ٻارڙين جي لاءِ ٽرسٽ جا شيلٽر هومز اهم آهن. انهن ۾ هنن کي پرسڪون ۽ معياري رهائش فراهم ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مونکي اهو ڄاڻي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته ٽرسٽ پاران عوام کي ليگل ايڊ جي فراهمي انهن جا قانوني مسئلا حل ڪري رهي آهي. جڏهن ته لاوارث ٻارن کي بي اولاد جوڙن جي حوالي ڪرڻ تعريف جي لائق آهي. گورنر سنڌ صارم برني کي يقين ڏياريو ته ٽرسٽ جي انتظامن ۾ هر ممڪن سهڪار ۽ مدد فراهم ڪندس. سماجي ڪارڪن صارم برني چيو ته عوام جي مشڪلات کي گهٽائڻ اسان جو مشن آهي، مختلف مسئلن جي سلسلي ۾ خاص ڪري عورتن جي ٽرسٽ پاران قانوني مدد ڪئي ويندي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں